Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ٻه ڳالهيون ٿي ويون جيڪي اسان کي پنهنجي اولاد کي سيکارڻيون آهن: (1) ايمان (2) قرآن. هاڻي ٽئين شيءِ جيڪا اسان کي پنهنجي اولاد کي سيکارڻي آهي، اها آهي: آخرت جي فڪر. بلڪل! پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ کان ئي آخرت جي فڪر ڪرڻ وارو بڻايو، تڏهن ئي اهي آخرت جي تياري صحيح طريقي سان ڪري سگهندا. هن سلسلي ۾ صحابه ڪرام رضى الله عنهم جو مبارڪ عمل ڏسو! حضرت راشد بن سعد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آهي ته رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پنهنجو دليل سکو! ڇو ته توهان کان پڇيو ويندو. ان فرمان جو ايترو اثر ٿيو جو انصارن مان جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت ويجھو ايندو هو ته هو ان کي نڪيرين جي سوالن جا جواب سيکاريندا هئا ۽ ٻار جڏهن ڪجهه سمجهڻ جي قابل ٿيندو هو ته ان کي به چوندا هئا ته جڏهن توکان پڇيو وڃي: تنهنجو رب ڪير آهي؟ ته چئجان: منهنجو رب الله پاڪ آهي. جڏهن پڇيو وڃي: تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ ته جواب ڏجان: منهنجو دين اسلام آهي ۽ جڏهن هي سوال ڪيو وڃي ته تنهنجو نبي ڪير آهي؟ ته چئجان: منهنجو نبي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ہیں آهي.([1])
هي به ايمان سيکارڻ آهي، ٻار کي شروع کان ئي الله پاڪ جو نالو سيکاريو، پنهنجو دين به ٻڌايو، پياري پياري آخري نبي محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بابت به سيکاريو. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي هن مبارڪ عمل ۾ ڏسو! انهن کي پنهنجي ٻارن جي قبر کي بهتر ڪرڻ جو ڪيڏو فڪر هوندو هو. اڄڪلهه اسان کي پنهجن ٻارن جي دنياوي مستقبل بهتر ڪرڻ جو فڪر هوندو آهي، مستقبل به اهو جيڪو خبر ناهي نصيب به ٿيندو الائي نه. جي ها! سڀاڻي ڪنهن