Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
سوار ٿي ايندو * ان کان حساب نه ورتو ويندو، ورتو به ويو ته آساني سان ورتو ويندو * ان کي حوضِ ڪوثر مان پاڻي پيئڻ نصيب ٿيندو جو کيس ٻيهر ڪڏهن اُڃ نه لڳندي * عبادت گذار پلصراط تان آساني سان گذرندو * ان کي الله جي رِضا نصيب ٿيندي * عبادت گذار قيامت جي ڏينهن الله جي عرش جي سائي ۾ هوندو* قيامت جي ڏينهن ان کي الله جو ديدار نصيب ٿيندو ۽ اهو سڀني نعمتن کان افضل آهي. ([1])
میری زِندگی بس تیری بندگی میں ہی اے کاش! گزرے سدا یا اِلٰہی!
هاڻي ڏسو! هي ڪيڏا عظيم فائدا آهن، پنهنجن ٻارن کي عبادت جو عادي بڻائڻ جو مطلب آهي ته توهان ان کي ڪيترين ئي سعادتن جو اهل بڻائي ڇڏيو، هاڻي ٻڌايو اهي ڪهڙا والدين آهي جيڪي نه چاهيندا هجن ته اسان جي ٻار کي عظمت ملي*ڪير نه چاهيندو ته اسان جي ٻار جا ڪم سنورجي وڃن * ڪير نه چاهيندو ته اسان جو ٻار شر کان محفوظ رهي* ڪير نه چاهيندو ته اسان جو ٻار بلند همت، عزت ۽ عظمت وارو ٿئي * ڪير نه چاهيندو ته اسان جو ٻار دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي وڃي يقيناً سڀ چاهيندا، سڀني والدين جي خواهش هوندي آهي ته اسان جي ٻار جي دنيا به سنورجي وڃي ۽ آخرت به سنورجي وڃي، ان جي لاءِ ڪوشش به ته ڪرڻي پوندي، ڇا ڪرڻو آهي؟ ٻار کي عبادت جو عادي بڻايو، هن کي نماز جو، روزي جو، تلاوت جو عادي بڻايو. هن جي دنيا ۽ آخرت ٻئي سنورجي ويندا. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم