Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

آهي، الله پاڪ مون کي ڏسي رهيو آهي) هن جو وظيفو ڪرايو ايئن آهستي آهستي هيءَ ڳالهه سندن دل ۾ ويهي ويندي جيڪڏهن اها ڳالهه انهن جي دل ۾ ويهي وئي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن جي زندگي سنوِرجي ويندي.     

خير! اهو آهي ايمان سيکارڻ. اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت مبارڪ ڇا آهي؟ پهريان ايمان سيکاريندا هئا ۽ بعد ۾ قرآن سيکاريندا هئا.Top of Form

Bottom of Form

(2) اولاد جا  3 حق

ٻي ڳالهه جيڪا اولاد کي سيکارڻي آهي. اها ڪهڙي آهي؟ قرآن ڪريم، الله پاڪ جو ڪتاب. حديث پاڪ ۾ آهي : پيءُ تي اولاد جا 3 حق آهن: (1):اَنْ حَسَّنَ اِسْمَہٗ اِذَا وُلِدَ ٻار پيدا ٿئي ته ان جو سٺو نالو رکي (2): وَيُعَلِّمَهُ الْكِتَابَ ان کي قرآن جي تعليم ڏياري وڃي (3) : وَيُزَوِّجَهُ اِذا اَدْرَكَ جڏهن وڏو ٿئي ته ان جو نڪاح ڪرائي.[1]

نالا ڪهڙا  رکون

هي ٽي حق آهن: ٻار جو سٺو نالو رکڻو آهي. اسان وٽ هي به حيرت انگيز معاملو آهي ته ماڻهو پنهنجن ٻارن جا منفرد نالا رکندا آهن، اهڙو نالو جيڪو ڪنهن ٻئي جو نه هجي، ان حد تائين ته ٺيڪ آهي، پر ان جذبي تحت اهڙا اهڙا بي معنيٰ بلڪه بُري معنيٰ وارا نالا رکيا ويندا آهن جو ماڻهو ٻڌي ڪري توبهه توبهه ڪري. ٻار جو سٺو نالو رکڻ اولاد جي حقن مان آهي، تنهنڪري پنهنجن ٻارن جا سٺا سٺا نالا رکندا ڪيو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادي، حضرت ابراهيم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي ولادت ٿي ته فرمايائون: مون پنهنجي پُٽ جو نالو پنهنجي والد حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي نالي تي ابراهيم رکيو آهي. [2]


 

 



[1] الترغیب و الترہیب للاصبہانی، جلد:1، صفحہ:350، حدیث:595۔

[2] .مسلم، کتاب الفضائل، باب رحمتہ الصبیان...الخ، صفحہ:909، حدیث:2315۔