Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
ته چئي رهيو هئين ته پُٽ نافرمان آهي جڏهن ته پهريان نافرماني ته تو ڪئي آهي اُٿ ....!! ۽ منهنجي نظرن کان پَري ٿي وڃ....!! (تنبيه الغافلين)
جو کچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کر توت شکوہ ہے زمانے کا نہ قسمت کا گلہ ہے
دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت سچ ہے کہ برے کام کا انجام برا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي تي غور ڪيو! ان ۾ ڪيڏي نه عبرت آهي. هي هڪ واقعو اسان جي ڪيترن ئي گهرن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪيترائي والدين آهن، جيڪي اولاد جي نافرمانين سبب پريشان نظر ايندا آهن * پٽ جوان ٿي ويا والدين جي هڪ به ناهن ٻڌندا* جھيڙو جَهٽو ڪندا آهن * والدين کي ستائيندا آهن * سندن زندگي زهر بڻائي ڇڏيندا آهن* اميد ڪئي هئي ته پوڙهائپ ۾ سهارو بڻجندا، پر هي بدنامي جو سبب بڻجي ويا * ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي پنهنجي پيرسن والدين کي اولڊ هائوس (Old House) ۾ ڇڏي ايندا آهن * ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي والدين جي موجودگي مان بيزار نظر ايندا آهن * اهي نوجوان جڏهن دوستن سان گڏ ويهندا آهن، ته گِلائون ڪندا آهن، والدين جون گِلائون...!!* ڪراڙو، مَڙهو وغيره جهڙن انتهائي حقير لفظن سان پيءُ جو ذڪر ڪندا آهن * انهن تي ٽوڪَون ڪندا آهن *والدين کي مذاق جو نشانو بڻائيندا آهن * ڪيترائي والدين ويچارا، اولاد جي ڪري جيلن ۾ پيا آهن * ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قيامت ٿيندي جو اولاد پنهنجي والدين کي ماريندي آهي، قتل ڪرڻ تائين جهڙا واقعا اخبارن ۾ ڇپجندا آهن.