Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
قيامت جي ڏينهن ان کي تنهنجي سامهون آڻيندو. تنهنڪري سڄي حياتي الله پاڪ جي حضور پيش ٿيڻ کان ڊڄندو رهجان.
ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي وڃي، اسان به پنهنجي اولاد کي آخرت جو فڪر سيکاريون، الله جو خوف سيکاريون، نيڪيون ڪمائڻ جو درس ڏيون، گناهن کان بچڻ جو درس ڏيون، قبر ۽ آخرت جي تياري جو ذهن ڏيون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ اهم ڳالهه جيڪا اولاد کي سيکارڻ ضروري آهي، اها هي آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي عبادت جو عادي بڻايون. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ٻار 7 سالن جو ٿي وڃي ته ان کي نماز سيکاريو.
هيءَ اسلامي تعليم آهي. جڏهن ٻار 7 سالن جو ٿي وڃي، ان وقت کان ئي کيس نماز سيکارڻ شروع ڪيو، نماز جي عادت وجهڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ان وقت ان کي نماز جو عادي بڻايو ويو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڄي حياتي نماز پڙهندو رهندو.
اهڙي ئي طرح صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو طريقو هو ته اهي پنهنجي ٻارن کي روزا رکرائيندا هئا. هاڻي ٻار ته ٻار ئي ٿيندا آهن، ڏينهن جي وقت انهن کي بک لڳندي، روزو پورو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو هو، ان جي لاءِ صحابيات، يعني انهن ٻارن جون مائرون، اُنَWool ) (جا رانديڪا ٺاهي ٻارن کي ڏينديون هيون ته جيئن ٻار راند روند ۾ مصروف رهن، اهڙيءَ طرح ٻارَ روزو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. (صحيح بخاری: 1960)