Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
بڻجندو، هو بڻجندو وغيره پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو آهي، اڄڪلهه جا نوجوان اسان جي سامهون آهن، دنيا جي ذليل دولت جي خاطر پنهنجو ايمان وڪڻي ڇڏيندا آهن، ڪجهه سؤ يا ڪجهه هزار بچائڻ لاءِ معاذالله! نمازون قربان ڪري ڇڏيندا آهن.
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي! ٻارن جي دنيا بهتر ڪرڻ بابت سوچڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ان کان پهريان انهن جي آخرت بهتر ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ ضروري آهي.
قرآن ڪريم ۾ حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ذڪر آيل آهي پاڻ پنهجي پٽ کي ڏاڍيون خوبصورت نصيحتون فرمايون، سيپارو : 21 سورت لقمان ۾ انهن نصيحتن جو ذڪر آهي، جن مان هڪ نصيحت هيءَ به آهي، فرمايو ويو:
یٰبُنَیَّ اِنَّهَاۤ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِیْ صَخْرَةٍ اَوْ فِی السَّمٰوٰتِ اَوْ فِی الْاَرْضِ یَاْتِ بِهَا اللّٰهُؕ-(پارہ:21، سورۂ لقمان:16)
ترجموڪنزالعرفان اي منهنجا پٽ! برائي جيڪڏهن رائي جي داڻي جي برابر به هجي پوءِ اها پٿر جي چٽان ۾ هجي يا آسمانن زمين ۾، هجي يا زمين ۾، الله ان کي آڻيندو.
ڏسو ڪيتري پيارِي نصيحت آهي. اسان وٽ ٻارن کي دنياوي مستقبل خراب ٿيڻ کان ڊيڄاريو ويندو آهي، هي نه ڪندين ته بُکِيو مرندين، هي نه ڪندين ته رُسوا ٿي ويندين، ٺيڪ آهي، والدين اهڙي نصيحت ڪن ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، پر درست انداز ڪهڙو آهي؟ جيڪو حضرت لقمان حڪيم رحمة الله عليه اختيار ڪيو. فرمايو: پُٽ...!! ياد رکجان! تنهنجو ننڍي کان ننڍو عمل به الله پاڪ کان لڪي نٿو سگهي، تنهنجو ذري جيترو عمل به هوندو، الله پاڪ