Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?
حضرت سهل بن عبدالله تستري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا : مان 3 سالن جو هئس ته پنهنجي مامي حضرت محمد بن سوَّار کي رات جو اٿي نماز پڙهندي ڏسندو هيس هڪ ڏينهن انهن مون کي فرمايو: ڇا تون الله پاڪ کي ياد نه ڪندو آهين جنهن توکي پيدا ڪيو آهي؟ مون پڇيو: مان الله کي ڪيئن ياد ڪيان؟ فرمايائون: جڏهن رات جو سمهڻ لڳين ته زبان کي حرڪت ڏيڻ جي بغير صرف دل ۾ 3 دفعا هي ڪلما پڙهندو ڪر : اَللهُ مَعِیْ اَللهُ ناظِرٌاِلَیَّ اَللهُ شَاھِدِیْ يعني الله مون سان گڏ آهي، الله مون کي ڏسي ٿو، الله منهنجو شاهد آهي. فرمائن ٿا: مون ڪجهه راتيون اهي ڪلما پڙهيا ۽ کين ٻڌايو، انهن فرمايو هاڻي هر رات 7 دفعا پڙهندو ڪر مان ايئن ئي ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو، فرمايائون: هاڻي هر رات 11 دفعا اهي ڪلما پڙهندو ڪر! فرمائن ٿا: مون ايئن ئي پڙهيو ته مون پنهنجي دل ۾ ان جي لذت محسوس ڪئي، جڏهن هڪ سال گذري ويو ته مهنجي مامي فرمايو: مان جيڪو توکي سيکاريو آهي ان کي قبر ۾ وڃڻ تائين هميشه پڙهندو ڪر اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هي توکي دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو ڏيندو. فرمائن ٿا: مون ڪيترن ئي سالن تائين ايئن ڪيو ته مان پنهجي اندر ان جو بي انتها مزو محسوس ڪيو. مان تنهائي ۾ ان جو ذڪر ڪندو رهيس پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي مامي فرمايو: اي سهل! الله پاڪ جنهن شخص سان گڏ هجي، ان کي ڏسندو هجي ۽ ان جو شاهد هجي ته ڇا هُو ان جي نافرماني ڪندو؟ هرگز نه. تنهنڪري تون پنهنجو پاڻ کي گناهن کان بچاءِ. (فيضانِ سنت)
هي آهي ايمان سيکارڻ. الله پاڪ ڏسي رهيو آهي. الله پاڪ مون سان گڏ آهي. ٻارن کي ان جي مشق ڪرايو، اللہُ مَعِیْ، اللہُ ناظِرِیْ (الله پاڪ مون سان گڏ