Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

Book Name:Bachon Ki Tarbiyat Kaise Karen?

تقريباً سڀني والدين جي هوندي آهي پر سوال اهو آهي ته اسان کي پنهنجي اولاد کي سيکارڻو ڇا آهي؟ اچو ته ان جي متعلق ڪجهه روايتون ٻڌون ٿا:

(1) اولاد کي ايمان سيکاريو

حضرت جندب بن عبدالله رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ظاهري زندگي ۾ اسان ننڍا ٻار هئاسين، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي قرآن سيکارڻ کان پهريان ايمان سيکاريندا هئا، جڏهن ايمان سکي وٺندا هئاسين ته پوءِ قرآن سيکاريندا هئا جنهن سان اسان جو ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويندو هو. (ابنِ ماجه)

 معلوم ٿيو ته اها محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي ته اولاد کي سڀ کان پهريان ايمان سيکاريو ويندو، هاڻي توهان چوند ته ايمان ڪيئن سيکارڻو آهي؟ ان جي لاءِ ٻارن کي مَشق ڪرائي ويندي آهي * ٻارن کي ڪلمو سيکاريو * بنيادي عقيدا سيکاريو *الله هڪ آهي. ٻارن کي سيکاريو *اسان کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ الله پاڪ *اسان کي رزق ڪير ڏيندو آهي؟ ابو يا امان...؟ نه ....!! اسان کي رزق الله پاڪ ڏيندو آهي. *بيمار ٿي پئون ته شِفا ڪيئن ملندي آهي؟ دوا کائڻ سان يا انجيڪشن لڳرائڻ سان؟ ٻنهي طريقن سان نه، شفا الله پاڪ ڏيندو آهي * پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن *سڀ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جنتي آهن* تمام اهلبيت رَضِیَ اللهُ عَنْهُم اسان جي مٿي جا تاج آهن دلين تي انهن جي حڪومت آهي * اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ جو هميشه ادب ڪيو ويندو آهي انهن جي متعلق ٻارن کي واقعا ٻڌايو *انهن جي سامهون نيڪ ٻانهن جو ذڪر ڪيو* صحابه، اهلبيت ۽ اولياءِ ڪرام جو ذڪر ڪرڻ وقت پست آواز ۽ لهجو ادب وارو رکو لفظ احتياط سان استعمال ڪيو انهن سڀني ڳالهين جي مشق ڪرايو، اهو ايمان سيکارڻو آهي.