Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

حديثن ۾ ڪلام پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هوندو آهي ۽ صحابه راوي (يعني ٻڌي ڪري اڳتي ٻڌائڻ وارا) هوندا آهن جڏهن ته حديثِ قدسي ۾ ڪلام ربِّ ڪريم جو هوندو آهي ۽ رسولِ رحمت، شفيعِ امّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راوي هوندا آهن. اچو! بخاري شريف جي حديثِ قدسي ٻڌون ٿا:

   حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: جنهن منهنجي ولي سان دشمني ڪئي، مان ان سان اعلانِ جنگ ڪيان ٿو. ٻانهو جنهن جي ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو آهي، ان مان منهنجو سڀني کان پسنديده ذريعو فرائض (مثال طور نماز، روزو، حج. زڪوٰة وغيره) آهن ۽ منهنجو ٻانهو نوافل جي ذريعي منهنجو قُرب حاصل ڪندو رهندو آهي، ڪندو رهندو آهي، ايستائين جو مان ان سان محبت ڪرڻ لڳندو آهيان، پوءِ جڏهن مان ان سان محبت ڪندو آهيان ته مان ان جا ڪنَ بڻجي ويندو  آهيان، جنهن سان اهو ٻڌندو آهي، مان ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو ڏسندو آهي، مان ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي، مان ان جا پيرَ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو هلندو آهي، جيڪڏهن اهو مون کان گهرندو آهي ته مان ان کي ڏيندو آهيان، جيڪڏهن اهو منهنجي پناھ وٺندو آهي ته مان ان کي پناھ ڏيندو آهيان.[1]

  مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: (مطلب هي آهي ته جڏهن ٻانهو الله پاڪ جو قرب حاصل ڪندي ڪندي، ان جو محبوب ٿي ويندو آهي ته هاڻي) هي ٻانهو فَنَافِی اللہ جي مقام تي فائز ٿي ويندو آهي، جنهن سان خُدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقتون ان جي عضون ۾ ڪم ڪنديون آهن ۽ اهو اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي


 

 



[1]... بخاری،کتاب: الرقاق،باب: التواضع،صفحہ:1597 ،حدیث:6502۔