Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

بلڪه خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت سان ٻڌندو آهي.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ ڪنن جي ڪرامت

   تفريحُ الخاطر ۾ آهي: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زماني مبارڪ ۾ هڪ عورت سندن مريدياڻي هئي، هڪ ڀيري اها عورت پنهنجي ڪنهن ضرورت سبب جبل جي غار جي طرف وئي، اتي هڪ فاسق شخص ان عورت کي پڪڙي ورتو، ان وقت ان نيڪ عورت پڪاري ڪري چيو:

اَلْغِیَاثُ یَا غَوْثَ اَعْظَم! اَلْغِیَاثُ یَا غَوْثَ الثَّقَلَیْن !اَلْغِیَاثُ  یَا شَیخ مُحْیَّ الدِین ! اَلْغِیَاثُ یَا سَیَّدِیْ عبدَ القادِر

يعني اي غوثِ اعظم منهنجي مدد فرمايو! اي انسانن ۽ جنن جي مدد فرمائڻ وارا! منهنجي مدد فرمايو! اي شيخ مُحيُ الدين منهنجي مدد فرمايو! اي منهنجا سردار عبدُ القادر منهنجي مدد فرمايو.

  غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان وقت پنهنجي مدرسي ۾ وضو فرمائي رهيا هئا، پاڻ ايڏو پري ويهي ان جو فرياد ٻڌي به ورتو ۽ ان جي مدد ايئن فرمائي جو پنهنجو جوتو غار جي طرف اڇلايو، الله پاڪ جي قدرت جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مبارڪ جوتو غار ۾ پهتو، ان فاسق شخص جي مٿي تي لڳو، جنهن سان اهو اتي ئي هلاڪ ٿي ويو. [1]

   سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ولين جو شان...!! ڪنَ ته هنن جا هوندا آهن پر هي الله پاڪ جي ڏنل خاص طاقت سان ٻڌندا آهن. لهٰذا جيئن ويجهو جي ٻڌندا آهن ايئن ئي پري جي به ٻڌي وٺندا آهن.

اولياءِ ڪرام جي اک جو شان

   حديث قدسي ۾ وڌيڪ ارشاد ٿيو: وَ بَصَرَهُ الَّذِي يُبْصِرُ بِهِ مان ان جون اکيون بڻجي


 

 



[1] ...تفریح الخاطر،صفحہ:46۔