Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

بغداد حاضر ٿيس، ڪجھ ڏينهن ترسڻ کان بعد واپس ٿيڻ لڳس ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي آڱر مبارڪ منهنجي وات ۾ رکي ۽ فرمايائون: هن کي باربار چُوسِيو. مون ايئن ئي ڪيو. ان جي برڪت هي ظاهر ٿي جو بغداد کان مصر تائين سڄي رستي ۾ مون کي بلڪل به بکَ نه لڳي.[1]

اولياءِ ڪرام جي قدمن جو شان

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو: وَرِجْلَهُ الَّتِي يَمْشِي بِهَا مان ان جا پير بڻجي ويندو  آهيان، جنهن سان اهو هلندو آهي.

  هي وليُ الله جي پير جي برڪت آهي، اولياءِ ڪرام جا پير به نرالا هوندا آهن، ظاهري ڏسڻ ۾ اسان جي پيرن جهڙا هوندا آهن پر ان ۾ خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت رکي ويندي آهي، هاڻي اهو گوشت ۽ کل جي پيرن سان نه بلڪه خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت سان هلندا آهن.

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قدمن (پيرن) جي ڪرامت

شيخ ابوحسن بغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان سڄي رات جاڳندو رهندو هئس ته جيئن ڪنهن وقت حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت بجا آڻيان، هڪ رات مون ڏٺو: حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي گهر کان ٻاهر تشريف کڻي ويا، مون پاڻيءَ جو لوٽو(ڪؤنرو) حاضر ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هيڏانهن هوڏانهن متوجھ ٿيڻ بغير دروازي ڏانهن تشريف کڻي ويا، دروازو ازخود کلي ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڃان اڳتي هلندا ويا مان به پٺيان پٺيان هلندو آيس حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بغداد شهر کان ٻاهر تشريف کڻي آيا، اڃا ٿورا قدم ئي هليا هئا ته هڪ شهر نظر آيو، مون اهو شهر پهريان ڪو نه ڏٺو هو.

   حضور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شهر ۾ داخل ٿيا ۽ هڪ گهر ۾ هليا ويا، اتي 6


 

 



[1]... تفریح الخاطر،صفحہ:66۔