Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ويندو آهيان، جنهن سان اهوڏسندو آهي.

    يعني وليُ الله جي اک ايئن هوندي آهي، جيئن اسان جي آهي پر ان اک جو شان نرالو هوندو آهي، اک وليءَ جي هوندي آهي پر اهو اسان وانگر اک جي پُتلي سان نه بلڪه خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت سان ڏسندو آهي، لهٰذا ان کي اهي شيون به نظر اينديون آهن، جيڪي اسان کي نظر ناهن اينديون، ان جي اک جي سامهون ڪا ڀت، ڪا آڙ بلڪه سالن جي مصافحت به رڪاوٽ ناهي بڻجندي، اهو پري ۽ ويجهو کان هڪ جهڙو ڏسندو آهي.

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ اک جي ڪرامت

   بهجةُ الاسرار شريف ۾ آهي: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو هڪ خادم هو، شيخ ابو عبد الله محمد هَروِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه. انهن جو قد ننڍو هو پر غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انکي محمد طويل (يعني وڏي قد وارو) چئي ڪري پڪاريندا هئا. شيخ محمد هَروي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو: هڪ ڏينهن مون عرض ڪيو: سائين! منهنجو قد ته عام ماڻهن کان ننڍو آهي، اوهان مون کي محمد طويل ڇو چوندا آهيو؟ فرمايائون: ان ڪري جو تون طَوِيۡلُ الۡعُمر آهين (تنهنجي ڄمار وڏي ٿيندي) ۽ تون طَويلُ الۡاَسفار به آهين (يعني تون زندگيءَ ۾ وڏا وڏا سفر ڪندي).

   راوي چئي ٿو: واقعي ايئن ئي ٿيو: شيخ محمد هَروي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عمر 137 سال ٿي ۽ پاڻ وڏا وڏا سفر ڪيا ايستائين جو ڪوھِ قاف تائين به سندس وڃڻ ٿيو.[1]

  سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي نگاھِ غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه! شيخ محمد هَروي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ڄمار ڪيڏي ڊگهي ٿيندي، پاڻ زندگيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ويندا، ڪيڏا وڏا وڏا سفر ڪندا، نگاھِ غوٽ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان ڪجھ به لڪيل ناهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  سڀ


 

 



[1] ... بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، صفحہ:113 تا 114 ملتقطًا۔