Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

دعا ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

   فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (1): اَلدُّعَاءُ سِلَاحُ الْمُؤْمِنِ دعا مومن جو هٿيار آهي.[1]

   اي عاشقانِ رسول! دعا گهرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي * اسان جا پيارا آقا، ٻنهي جهانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان دعائون گهرندا هئا * ڪجھ محدثين سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دعائن جي باري ۾ پورا پورا ڪتاب به لکيا آهن، مثال طور کاڌو کائڻ جي دعا، پاڻي پيئڻ جي دعا، سمهڻ وقت جي دعا، ننڊ مان اٿي پڙهڻ جي دعا، کير پيئڻ جي دعا، ڪپڙا پائڻ جي دعا، مطلب ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ روزانو جي ڪمن کان پهريان به دعائون پڙهندا هئا * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دعا ڪثرت سان گهرندا هئا: [2]

رَبَّنَاۤ  اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً  وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً    (سيپارو: 2، سورة بقره: آيت: 201)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ ڀلائي عطا ڪر ۽ اسان کي آخرت ۾ (به) ڀلائي عطا فرماءِ.

روزانو جون دعائون سکڻ جي لاءِ مدني پنج سوره، صفحي: 182 کان 227. پڙهي وٺو، مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو


 

 



[1]...مسند ابی یعلی، جلد:2، صفحہ:123، حدیث:1812۔

[2] ...بخاری، کتاب:الدعوات، صفحہ:1574، حدیث:6389۔