Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

۾ ڪامياب ٿي وڃون.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

رضاؔ کا خاتِمہ بالخیر ہو گا    تِری  رحمت  اگر  شامل  ہے  یا غوث! [1]

وضاحت: اي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه! جيڪڏهن اوهان جو ڪرم شاملِ حال رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اوهان جي عاشق، اوهان جي ڪامِل مُريد احمد رضا جو خاتمو ايمان تي ٿيندو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مختصر تعارف

   شهنشاھِ بغداد، حضورغَوْثِ اعْظَمْ، شيخ سيد عبْدُالقادرجِيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن الحمد لله! مشهور هستي آهن *  سندن نالو مبارڪ: عبدُ القادر ۽ ڪنيت: ابو محمد آهي * محيُ الدّين (يعني دين کي زندھ ڪرڻ وارا) ۽ غوثُ الثَّقَلين (يعني  جنن ۽ انسانن جا غوث، مددگار) سندن جا مشهور لقبَ آهن.

 * حضور غوثِ اعظم، شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن جي ولادت باسعادت پهرين رمضان سن 470 هجري تي جيلان ۾ ٿي. *  91 سال هن دنيا ۾ تشريف فرما رهيا * 561 هجري ۾ پاڻ دنيا مان پردو فرمايو.

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                 اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سر بھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                اولیا مَلتے ہیں آنکھیں وہ ہے تلوا تیرا [2]


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:263۔

[2] ... حدائقِ بخشش، صفحہ:69۔