Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ڪجھ ڏسي رهيا آهن.

  نگاھِ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ڇا ته شان آهي؟ پاڻ فرمائن ٿا:

نَظَرْتُ اِلٰی بِلَادِ اللہ جَمْعًا                                                                                                             کَخَرْدَلَۃٍ عَلٰی حُکْمِ اتِّصَالٖ

   يعني الله پاڪ جا تمام شهر منهنجي نظر ۾ هن طرح آهن جيئن تِريءَ تي سرنهن جو داڻو.

اولياءِ ڪرام جي هٿن جو شان

   پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حديث قدسي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو: وَيَدَهُ الَّتِي يَبْطِشُ بِهَا مان ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي. يعني وليُ الله جو هٿ اسان جي هٿ جهڙو ئي هوندو آهي، ان ۾ به 5 ئي آڱريون هونديون آهن، هڪ تِري هوندي آهي پر ان جي طاقت رت ۽ گوشت سان ناهي ٿيندي بلڪه ان ۾ خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت ڪم ڪندي آهي.

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ هٿ جون ٻه ڪرامتون

  (1): شيخ شهابُ الدين سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مشهور واقعو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: مان علمِ ڪلام جا ڪتاب تمام گهڻا پڙهندو هيس. هڪ ڏينهن منهنجو مامو مون کي بارگاھِ غوثيت ۾ وٺي ويو. غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن منهنجي سيني تي هٿ رکيو، مون ان وقت تائين جيترا علمِ ڪلام جا ڪتاب پڙهيا هئا. غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هٿ رکندي ئي سڀئي وسري ويا، پوءِ ان سان گڏ ئي علمِ لَدُنّي (يعني خاص خدائي علم) منهنجي سيني ۾ ڀرجي ويو.[1] (2): شيخ ابو محمد مَحَلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زيارت جي لاءِ مِصر کان


 

 



[1]... بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ، صفحہ:70۔