Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

گمنام ٿي رهيس * منهنجي خاموشيءَ جي سبب ماڻهو مون کي گونگو، نادان ۽ ديوانو چوندا هئا * مان ڪنڊن تي پيرين اگهاڙي هلندو هيس * خوفناڪ غارن ۽ اونداهي وادين ۾ بي خوف داخل ٿي ويندو هيس *  دنيا سنورجي منهنجي اڳيان ظاهر ٿيندي هئي پر الحمد لله! مان ان جي طرف توجھ نه ڪندو هيس *  منهنجو نفس ڪڏهن منهنجي اڳيان عاجزي ڪندو هو ته اوهان جي جيڪا مرضي هوندي اهو ئي ڪندُس ۽ ڪڏهن مون سان وڙهندو هو * الله پاڪ مون کي ان نفس تي فتح ڏيندو هو * مان ڪيئي سال مدائن جي جهنگلن ۾ رهيس ۽ پنهنجي نفس کي مجاهدن ۾ لڳائيندو رهيس * هڪ سال تائين ڪِريل شيون کائيندو ۽ بلڪل پاڻي نه پيئندو هيس، پوءِ هڪ سال صرف پاڻي تي گذارو ڪندو ۽ ڪا غذا نه کائيندو هيس * مون تي سخت آزمائشون اينديون هيون * هڪ ڀيري سخت سردي جي رات منهنجو ايئن امتحان ورتو ويو جو باربار اک لڳي ويندي هئي ۽ مون تي غسل فرض ٿي ويندو هو، مان فوراً نهر(شاخ) تي اچي غسل ڪندو هيس هن طرح مون ان هڪ رات ۾ 40 ڀيرا غسل ڪيو.[1]

تُو قُوَّت دے میں تنہا، کام بسیار               بدن کمزور، دِل کاہِل ہے یا غوث! [2]

وضاحت: يعني اي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه منهنجو بدن ڪمزور ۽ دل سُست آهي اوهان مون کي به طاقت ۽ قوت عطا فرمايو.

وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو

 اچو! شهنشاھ بغداد سرڪارِ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اندازِ عبادت، ذوقِ عبادت، شوقِ عبادت جي هڪ جهلڪ ملاحظه ڪيون ٿا! جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان”جامع منصور“ ۾ نماز پڙهي رهيو هيس ته هڪ نانگ اچي پهتو.


 

 



[1] ... بَہْجَۃُ الْاَسْرَار،صفحہ:165 تقدیم و تاخیر۔

[2] ... حدائقِ بخشش، صفحہ:262۔