Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

اولياءِ ڪرام جي ڪرامتن جو شان

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث قدسي ٻڌي، الله پاڪ ان حديثِ قدسيءَ ۾ فرمائي ٿو

فَاِذَا اَحْبَبْتُهُ كُنْتُ سَمْعَهُ الَّذِي يَسْمَعُ بِهِ، وَبَصَرَهُ الَّذِي يُبْصِرُ بِهِ، وَيَدَهُ الَّتِي يَبْطِشُ بِهَا، وَرِجْلَهُ الَّتِي يَمْشِي بِهَا، وَاِنْ سَأَلَنِي لَاُعْطِيَنَّهُ، وَلَئِنِ اسْتَعَاذَنِي لَاُعِيذَنَّهُ

جڏهن مان ان سان محبت ڪندو آهيان ته مان ان جا ڪنَ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو ٻڌندو آهي، مان ان جون اکيون بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو ڏسندو آهي، مان ان جا هٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو پڪڙيندو آهي، مان ان جا پيرَ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو هلندو آهي، جيڪڏهن اهو مون کان گهرندو آهي ته مان ان کي ڏيندو آهيان، جيڪڏهن اهو منهنجي پناھ وٺندو آهي ته مان ان کي پناھ ڏيندو آهيان.

   هي آهي اولياءِ ڪرام جو شان ۽ عظمت...!! ٻانهو فرائض، واجبات، سنّتون، مستحبات ۽ نوافل پورا ڪري، نيڪين ۾ زندگي گذاري، الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪري، پوءِ الله پاڪ پنهنجي فضل سان، پنهنجي ڪرم سان ان کي پنهنجو ولي، پنهنجو محبوب ٻانهو بڻائي ته ان جو هي شان هوندو آهي ته

اولياءِ ڪرام جي ڪنن جو شان

   الله پاڪ فرمائي ٿو: كُنْتُ سَمْعَهُ الَّذِي يَسْمَعُ بِهِ مان ان جا ڪنَ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان اهو ٻڌندو آهي.

   يعني ظاهري طور ڏسڻ ۾ ان جا ڪنَ ايئن ئي هوندا آهن، جيئن اسان جا آهن پر فرق هي آهي ته ڪنَ وليءَ جا هوندا آهن، ان ۾ خدائي (يعني الله پاڪ جي ڏنل خاص) طاقت رکي ويندي آهي، اهو اسان وانگر هوا جي لهرن جي ذريعي نه