Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *  بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ربيعُ الثاني جي 11 هين رات آهي، جنهن کي عاشقانِ غوثِ اعظم وڏي يارهين شريف به چوندا آهن. اڄوڪي اجتماعِ غوثيه ۾ اسان جي پيرن جي پير، پير دستگير، شهنشاھِ بغداد، حُضورِ غوثِ پاڪ شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ياد ملهائڻ، سندن ذڪرِ خير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جي لاءِ حاضر آهيون، الله پاڪ اسان جو اچڻ، ويهڻ، ٻڌڻ، ٻڌائڻ پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي. ڪاش! ذڪرِ غوثِ پاڪ جي برڪت سان اسان کي سچي توبھ جي توفيق ملي وڃي، ڪاش! ذڪرِ غوثِ پاڪ جي برڪت سان سندن فيضان اسان کي نصيب ٿئي، اسان جا اخلاق سنورجي وڃن، ڪردار سُٺو ٿي وڃي، ذڪرِ غوثِ پاڪ جي برڪت سان ايمان جي سلامتي نصيب ٿئي ۽ اسان الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن ۾ مصروف رهندي ايمان سلامت کڻي ڪري دنيا مان وڃڻ


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔