Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

گڏوگڏ نفل روزا به رکي، زڪوٰة ڏيندو آهي، نفل صدقو ۽ خيرات به ڪندو ڪري. والدين جو ادب ڪندو آهي، انهن سان وڌيڪ نيڪ سلوڪ ڪري، پنهنجي پاڙي وارن، دوستن، مسلمان ڀائرن جو خيال رکندو آهي، انهن سان اڃان وڌيڪ احسان ۽ ڀلائي وارو سلوڪ ڪري، ايئن هر معاملي ۾ فرائض به پورا ڪري، ان سان گڏوگڏ نفل نيڪيون به ڪندو ڪري. ان سان ڇا ٿيندو؟ الله پاڪ جو قرب ملندو. ان مان ثابت ٿيندو ته هي ٻانهو واقعي الله پاڪ سان محبت ڪري ٿو. جيڪڏهن ٻانهو پابنديءَ سان، اخلاص سان سمورا فرائض پورا ڪري، گڏوگڏ نفل نيڪيون به ڪندو رهي، جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت ٿي، ان جو فضل ۽ ڪرم نصيب ٿي ويو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! الله پاڪ جو قرب به ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته ولايت جو تاج به عطا ٿيندو.

   اَلْحَمْدُ للّٰہ! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پيدائشي ولي آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  الله پاڪ جا ولي، ربِّ ڪريم جا دوست ۽ محبوب ٻانها بڻجي ڪري ئي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. پوءِ پاڻ سڄي زندگي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاري، پاڻ فرائض تي به پابندي سان عمل ڪندا هئا، ان سان گڏوگڏ سنّتن جا به پابند هئا، نفل عبادت به ڪثرت سان ڪندا هئا، ايستائين جو مستحبات (يعني شريعت جا پسنديده ڪم) به استقامت سان ڪندا هئا.

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ڪثرت عبادت

  بهجةُ الاسرار شريف ۾ آهي: حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: * مان ڪَرخ جي جهنگلن ۾ ڪيئي سال رهيو آهيان * وڻن جي پنن ۽ ٻوٽَن تي منهنجو گذارو ٿيندو هو * مون کي پهرڻ جي لاءِ هر سال هڪ شخص ان جو هڪ جُبو کڻي ڪري ڏيندو هو جنهن کي مان پهريندو هيس * مون دنيا جي محبت کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ هَزارين ڪوششون ڪيون * مان