Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

الله پاڪ اسان کي اولياءِ ڪرام جي گستاخي ۽ انهن جي دشمني کان هميشه محفوظ فرمائي. الله ڪري ته اسان جي دلين ۾ هميشه اولياءِ ڪرام جي محبت جڳمڳائيندي رهي، ڪاش! انهيءَ محبت ۾ زندھ رهون، انهيءَ ۾ مَرون، قيامت جي ڏينهن ان محبت سان ئي اٿون ۽ انهيءَ جي صدقي بنا حساب جي جنّت ۾ داخل ٿي وڃون. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

مَحفُوظ سَدا رکھنا شہا!  بے اَدَبوں سے             اور مُجھ سے بھی سَرزَد نہ کبھی بے اَدَبی ہو[1]

 الله پاڪ سان محبت جي اظهار جو طريقو

  الله پاڪ حديث قدسي ۾ فرمايو:

وَمَا تَقَرَّبَ اِلَيَّ عَبْدِي بِشَيْءٍ اَحَبَّ اِلَيَّ مِمَّا افْتَرَضْتُ عَلَيْهِ، وَمَا يَزَالُ عَبْدِي يَتَقَرَّبُ اِلَيَّ بِالنَّوَافِلِ

ٻانهو جن ذريعن سان قرب حاصل ڪندو  آهي، انهن ۾ منهنجو سڀ کان پسنديده ذريعو فرض آهن منهنجو ٻانهو نوافل جي ذريعي منهنجو قرب حاصل ڪندو رهندو آهي.

  هي آهي الله پاڪ سان اظهارِ محبت جو طريقو! الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو درست رستو!.ٻانهو فرض پورا ڪري. پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪري، رمضانُ المبارڪ جا روزا به پورا رکي، حج فرض هجي ته حج به ادا ڪري، زڪوٰة فرض هجي ته زڪوٰة به پوري پوري ڪڍي، والدين جو ادب به ڪري، پاڙي وارن سان نيڪ سلوڪ به ڪري، ڪنهن کي ناحق تڪليف به نه پهچائي، هر معاملي ۾ جيڪي فرائض آهن، اهي ڪامل طور پورا ڪري، پوءِ ان سان گڏوگڏ نوافل به ادا ڪري، پنج ئي نمازون پڙهندو آهي ، گڏوگڏ تهجد به پڙهي، اشراق، چاشت ۽ اوّابين جا نوافل به پڙهي، فرض روزا رکندو آهي،




[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:315۔