Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

موڪليو، ڇو؟ ان ڪري جو هو الله آهي، هو رب آهي، هو قدرتن وارو آهي، هو جيڪو چاهيندو آهي ڪندو آهي، ڪو ان کان پڇڻ جي همت نه ٿو ڪري سگهي.

   هاڻي غور فرمايو! غزوهءِ بدر ۾ مدد ڪرڻ ڪير آيو؟ ملائڪ آيا پر الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَقَدۡ نَصَرَکُمُ اللّٰہُ بِبَدۡرٍ  (سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: آيت: 123)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ الله بدر ۾ توهان جي مدد ڪئي.

   مدد ڪرڻ ڪير آيا؟ ملائڪ. الله پاڪ ڇا ٿو فرمائي؟ الله مدد ڪئي. معلوم ٿيو: الله پاڪ جا مُقَرَّب ٻانها، الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان مدد ڪن ته هي مدد غيرُ الله جي مدد ناهي بلڪه هي الله پاڪ جي ئي مدد آهي جيڪو هو پنهنجي ٻانهن جي ذريعي ڪرائيندو آهي.

ٻانهن کان مدد جي ترغيب

  حديث پاڪ ۾ ٻانهن کان مدد گهرڻ جي باقاعِده ترغيب موجود آهي، جيئن ته حضرت اَبان بن صالح رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، مُشڪل ڪُشا نبي، حاجت رَوا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن توهان جو جانور ريگستاني زمين ۾ ڀڄي وڃي ۽ توهان کي ڪو نظر نه ايندو هجي (جيڪو توهان جي مدد جي لاءِ اچي) ته هيئن پڪاريو! اَعِیْنُونِی عِبَادَ اللہ! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! بيشڪ ان (پڪارڻ واري) جي مدد ڪئي ويندي. [1]

  عظيم مُحدث، علّامه نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي پاڻ هن حديث شريف جو تجربو ٿيو آهي، اسان ڪجھ ماڻهو هڪ ڀيري ڪٿي سفر تي هئاسين، اسان جو جانور اسان کان ڇڏائي ڀڄي ويو، اسان ان کي پڪڙڻ جي تمام گهڻي


 

 



[1]... مصنف ابن ابی شیبہ،کتاب :الدعاء،ما یقول الرجل اذا ندب بہ  ،جلد:7 ،صفحہ:132 ،حدیث:1۔