Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

عقل کان ٻاهر آهن.[1]

حديث پاڪ جا ٽي مضمون ۽ سيرتِ غوثِ پاڪ

 پيارا اسلامي ڀائرو!  هن حديث قدسي ۾ 3 مضمون بيان ٿيا: (1): الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اولياءِ ڪرام جو ڪيترو نه مقام ۽ مرتبو ۽ ڪيتري قدر عزّت آهي (2): وَلِي جي لفظي معنٰي آهي: دوست، الله جو محبوب ۽ پيارو ٻانهو. ان جون ٻه صورتون آهن: هڪ هي آهي: الله پاڪ جو ڪنهن کي پنهنجو ولي، پنهنجو دوست، پنهنجو پيارو بڻائي وٺڻ. هي ڪَسۡبي ناهي، وَهۡبِي آهي، يعني ٻانهو پنهنجي محنت، پنهنجي ڪوشش سان الله پاڪ جو محبوب، الله پاڪ جو ولي نه ٿو بڻجي سگهي، الله پاڪ جنهن کي چاهيندو آهي ولايت جو تاج عطا فرمائيندو آهي. (2): ٻانهي جو الله پاڪ سان اظهارِ محبت ڪرڻ، هي ڪَسۡبي آهي. ٻانهو پنهنجي، پنهنجي محنت. پنهنجي عمل سان الله پاڪ سان اظهارِ محبت ڪري سگهندو آهي. ٻانهي کي الله پاڪ سان اظهارِ محبت ڪيئن ڪرڻو آهي؟، الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪرڻي آهي؟  ان جو طريقو به هن حديثِ قدسي ۾ ٻڌايو ويو. (3): ٻانهو الله پاڪ سان محبت جو اظهار ڪري، پوءِ جيڪڏهن الله پاڪ پنهنجي فضل سان، پنهنجي ڪرم سان ٻانهي جي اظهارِ محبت کي قبول فرمائي ڪري ان ٻانهي کي پنهنجو محبوب، پنهنجو دوست ۽ پنهنجو ولي بڻائي ته هاڻي ان ٻانهي جو شان ڇا هوندو آهي؟ هي ڳالھ به حديثِ قدسي ۾ بيان ٿي.

   اچو! حديثِ قدسي جي انهن ٽنهين مضمونن کي سامهون رکي ڪري حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي پاڪيزه سيرت ڏسون ٿا:


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح،جلد:3، صفحہ:309۔