Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

۽ خواجه ۽ رَضا جو فيضان به نصيب ٿيندو، الله پاڪ چاهيو ته دنيا به موچاري ٿي ويندي ۽ آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿي ويندو. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي. الحمد لله! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهيني، ۽ 12 مهينن جا مدني قافلا وقفي وقفي سان سفر ڪندا رهندا آهن. توهان به مدني قافلن جا مسافر بڻجو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اخلاق چڱا ٿيندا، ۽ نيڪين جو رجحان وڌندو، عشقِ رسول جي دولت نصيب ٿيندي ۽ زندگي ۾ مدني انقلاب اچي ويندو. اچو! ترغيب جي لاءِ مدني بهار ٻڌون ٿا:

دل جي حالت تبديل ٿي وئي

  فيصل آباد  (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان بگڙيل ڪردار جو مالڪ هيس. ڪوڙ، غيبت، چغلي، بدنگاهي جهڙا گناھ منهنجي معمول جو حصو هئا، مان مارشل آرٽ سکيل هيس جنهن جي ڪري ماڻهن کان اجايو جهيڙو ڪندو هيس، هر نئون فيشن (Fashion) ڪرڻ منهنجو شوق هو، هاءِ! نمازن کان ايتري قدر دوري هئي جو مون کي هي به معلوم نه هو ته ڪهڙيءَ نماز جون گهڻيون رڪعتون هونديون آهن. آخرڪار رحمت جي دريا جو در کليو ۽ منهنجي قسمت ايئن چمڪي جو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاء مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني، دوست جي ڳالھ نه ٽاري سگهيس ۽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس. مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جو مقصد معلوم ٿيو، پنهنجي گناھن تي شرمندگي ٿي، منهنجي اکين تان غفلت جو پردو هٽي