Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ٽيلي ٿون (عطيات مهم) جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدُلِله! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبه جات ۾ ديني خدمات انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هينئر تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 6121 (6 هزار 121) مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 112، 70، 2 (2 لک 70 هزار 112) ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظره جي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي * نابينا ٻارن جي لاءِ به الڳ سان مدرسة المدينه قائم آهن. آغاز کان هينئر تائين تقريباً 4،39،940 (4 لک 39 هزار 940) ناظره ۽ حفظ قرآن مڪمل ڪيو *  فروغِ علمِ دين (عالمِ و عالمه ڪورس ڪرائڻ) جي لاءِ الڳ الڳ جامعة المدينه قائم آهن. هينئر تائين تقريباً 1903 (1 هزار 309) جامعة المدينه (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) جا قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 1،17،402 (1 لک 17 هزار 402) طالب ۽ طالبات کي درس نظامي (عالمِ و عالمه ڪورس، فيضانِ شريعت ڪورس) مفت ڪرايو پيو وڃي. هن وقت تائين تقريباً 16،117 (16 هزار 117) عالم و عالمه ڪورس، فيضانِ شريعت ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن. لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، مُعَلِّم، عالم ۽ مفتي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاحِ امّت ۽ ڪردار سازي جو ڪم جاري آهي * درجن کان وڌيڪ دارُ الافتاء اهلِ سنّت قائم ٿي چڪا آهن، جتي مفتيانِ ڪرام اُمَّت جي شرعي رهنمائي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن * المدينة العلميه (Islamic Research Canter) ۾ مختلف موضوعن تي سوين ديني ڪتابَ ڇپجي چڪا آهن * فيضان آن لائن اڪيڊمي (ڇوڪرن، ڇوڪرين) جون قائم آهن جنهن جي ذريعي آن لائن عالم ڪورس ، قرآن پاڪ (حفظ و ناظره) پڙهايو