Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

دماغ ۾ هليو ويو، ڪتابن ۾ لکيل آهي: 400 سال تائين اهو مڇر نمرود کي کائيندو رهيو ان سبب نمرود کي مٿي تي جوتا لڳندا رهيا. [1]

   هي آهي الله پاڪ سان جنگ جو انجام. لهٰذا هر ڪو غور ڪري، اولياءِ ڪرام سان دشمني ڪرڻي آهي، انهن جو بغض دل ۾ رکڻو آهي ته پهريان سوچي وٺي، هي ڪو ننڍو جرم ناهي، اولياءِ ڪرام سان دشمني رکڻ، اصل ۾ الله پاڪ سان جنگ جو اعلان آهي ۽ جيڪو الله پاڪ سان جنگ جو اعلان ڪندو آهي، ان جي دنيا به تباھ ٿي ويندي آهي، آخرت به برباد ٿي ويندي آهي.

تڪليف پهچائڻ وارا عبرتناڪ موت مُئا

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پير حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو به هي شان آهي، جنهن به سندن سان دشمني ڪئي، سندن کي تڪليف پهچائي. ان جو انجام تمام گهڻو عبرتناڪ ٿيو بلڪه علّامه محمد بن يحيٰي حَلۡبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:  اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اولاد کي به جيڪڏهن ڪنهن تڪليف پهچائي ته اهو پاڻ به تباھ ۽ برباد ٿيو ۽ ان جو اولاد به هلاڪ ٿيو. بهرحال شيخ احمد بن قاسم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اولاد مان آهن، هڪ بدبخت هڪ ڀيري انهن کي سخت تڪليف پهچائي، اڃان ڪجھ ئي عرصو گذريو هو ته الله پاڪ ان کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ايستائين جو ان جي اولاد مان ڪو به باقي نه بچو، ربِّ ڪائنات ان جو نسل ئي ختم ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح وزير ناصرُ الدّين غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اولاد پاڪ کي طرح طرح سان ستايو، ايستائين جو انهن کي بغداد شهر مان ڪڍي ڇڏيو. الله پاڪ  کيس ان گستاخيءَ جي سزا ڏني ۽ هي وزير نهايت ئي دردناڪ طريقي سان مَري ويو. [2]


 

 



[1]... تفسیر ابن كثير،پارہ:3 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:258،جلد:1 ،صفحہ:694۔

[2]... قلائد الجواہر، صفحہ:56۔