Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

۽ اهو شخص جنهن کي مون ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيو، اهو قسطنطنيه جو رهڻ وارو هڪ غير مسلم هو،  مون ان کي مسلمان ڪري ستين ابدال جي جاءِ تي مقرر ڪري ڇڏيو. وري فرمايائون: اي ابو حسن! جيستائين مان زندهه آهيان اهو واقعو ڪنهن کي نه ٻڌائجان.

منہ لگاتا نہیں دُنیا میں جسے کوئی بھی                                                                   بالیقیں اس کے طرفدار ہیں غوثِ اعظم

کھوٹے سکّے جہاں چل جاتے ہیں وہ ہے بغداد                واں نِکمّوں کے خریدار ہیں غوثِ اعظم

ہو کرم! حسنِ عمل آہ! نہیں ہے کوئی                                                         نہ وظائف ہیں نہ اذکار ہیں غوثِ اعظم [1]

اولياء ڪرام جي دعائن جو شان

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله رحمٰن ۽ رحيم حديث قدسي ۾ اولياء ڪرام جو شان بيان فرمايو، ان جي آخر ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: وَاِنْ سَأَلَنِي لَاُعْطِيَنَّهُ، وَلَئِنِ اسْتَعَاذَنِي لَاُعِيذَنَّهُ ۽ جيڪڏهن هو مون سان گهرندو آهي ته مان ان کي ڏيندو آهيان، جيڪڏهن اهو منهنجي پناهه گهرندو آهي ته مان ان کي پناهه ڏيندو آهيان.

  معلوم ٿيو! اولياء ڪرام جو بارگاههِ الٰهي ۾ اهو مقام آهي جو اهي الله پاڪ سان دعا ڪن ته اهو قادر قيّوم رب انهن جي دعائن کي ردّ ناهي فرمائيندو بلڪ قبوليت سان نوازي ڇڏيندو آهي.

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي دعائن جو شان

 * جيڪڏهن الله پاڪ جو ولي 12 سالن جي ٻڏل ٻيڙي کي سوارين سميت ٻيهر تارڻ جي دعا ڪري ته الله پاڪ پنهنجي محبوب ٻانهي جي دعا جي برڪت سان 12 سال جي ٻڏل ڄڃ کي به زندهه ڪري ڇڏيندو آهي. * جيڪڏهن الله پاڪ جو ولي مردا زندهه ڪرڻ جي دعا ڪري ته الله پاڪ مردا زندهه فرمائي ڇڏيندو آهي.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:560-561ملتقطاً۔