Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهياسين، ان وقت مون هيئن پڪاريو: اَعِیْنُونِی عِبَادَ اللہ! اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! بس ايترو چوڻو هو ته اهو جانور بيهي رهيو ۽ اسان ان کي پڪڙي ڪري اڳتي روانا ٿياسين. [1]

   بهرحال پيارا اسلامي ڀائرو! مصيبت اچي، پريشاني اچي، ڪا مشڪل هجي، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پڪارڻ، سندن کان مدد گهرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. صديون گذري ويون، وڏا وڏا اولياءِ ڪرام، علماءِ ڪرام غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ ٻين بزرگن کي الله پاڪ جي مدد جو مظهر سمجهي ڪري کين پڪاريندا، انهن کان مدد گهرندا آيا آهن ۽ الحمد لله! اڪثر ڀيرا تجربو آهي ته الله وارن کان جيڪڏهن مدد گهرون ته هي مدد فرمائيندا آهن. اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا ته خوب چيو آهي:

حُسنِ نیَّت ہو خطا پھر کبھی کرتا ہی نہیں               آزمایا ہے یگانہ ہے دوگانہ تیرا [2]

وضاحت: يعني جيڪڏهن چـڱي نيّت ۽ پڪي يقين سان نيڪ مقصد جي لاءِ 2 رڪعتون نفل نمازِ غوثيه ادا ڪيون وڃن ته الله پاڪ 2 رڪعت نفل نمازِ غوثيه جي برڪت سان دعا قبول فرمائيندو آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اولياءُ الله جو شان

   بخاري شريف ۾ هڪ حديثِ قدسي آهي. حديث قدسي ان حديث شريف کي چوندا آهن: جنهن ۾ فرمان الله پاڪ جو هوندو آهي ۽ زبان مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هوندي آهي، ٻين لفظن ۾ هيئن سمجهي وٺندا ته عام


 

 



[1]... اذکار للنووی،کتاب:اذکار المسافر،باب:ما یقول انفلتت دابتہ ، صفحہ:415۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:20۔