Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ڌاڙيلن جي ويجهو پهتاسين، ڏٺوسين ته: انهن جا ٻئي سردار مُئل پيا آهن ۽ انهن وٽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا هي جوتا مبارڪ پيل آهن. بس اسان جوتا کنيا، پنهنجو سامان کنيو ۽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻ حاضر ٿي وياسين.[1]

اَسِیْروں کے مُشْکِل کُشا غوثِ اعظم!                فقیروں کے حاجَت رَوا غوثِ اعظم!

گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا                       مدد کے لئے آؤ یا غوثِ اعظم!

ترے ہاتھ میں ہاتھ مَیں نے دیا ہے                   ترے ہاتھ ہے لاج یا غوثِ اعظم!

مُریدوں کو خطرہ نہیں بحرِ غم سے                     کہ بیڑے کے ہیں ناخدا غوثِ اعظم!

تمہِیں دُکھ سنو اپنے آفت زَدوں کا                   تمہِیں دَرْد کی دو دوا غوثِ اعظم! [2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

نمازِ غوثيه پڙهڻ جي ترڪيب

   اي عاشقانِ رسول! اسان جي پيرانِ پير حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ڇا ته نرالو شان آهي! الحمد لله! سندن الله پاڪ جي عطا سان مُشڪل ڪُشا آهن، غريبن، فقيرن، پريشان حالن، مصيبت جي ماريلن جي مدد پهريان به فرمائيندا هئا، هاڻي به فرمائيندا آهن. بَهجَةُ الاسرار شريف ۾ آهي: حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: جنهن ڪنهن مصيبت ۾ مون کان فرياد ڪيو، اها مصيبت ويندي رهي، جنهن ڪنهن سختيءَ ۾ منهنجو نالو پڪاريو اها سختي دور ٿي وئي، جيڪو منهنجي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:25۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:28۔