Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

وضاحت: ڪهڙو باغ آهي جنهن کي موسمِ بهار جي ضرورت ناهي (يعني هر باغ کي موسمِ بهار جي ضرورت آهي) اهڙيءَ طرح سلسلهءِ طريقت ۾ اهو ڪهڙو سلسلو آهي جيڪو سندن فيض سان فيضياب ناهي ٿيندو. الله پاڪ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۾ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو:

وَ رَفَعۡنَا لَکَ ذِکۡرَکَ ؕ(۴)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان تنهنجي خاطر تنهنجو ذڪر بلند ڪري ڇڏيو.

اي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه! آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن شان جي ڇانوَ اوهان تي به آهي، ان ڪري اوهان جي ذات بلند ۽ اوهان جو ذڪر اوچو آهي.

  سُبْحٰنَ اللہ! هي آهن اسان جا حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ...!! الله پاڪ سندن کي ڪهڙن ڪهڙن مرتبن سان نوازيو آهي. الله پاڪ اسان کي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي در جو سچو غلام بڻائي. ڪاش! اولياءِ ڪرام جي غلامي ۾ زندگي گذاريون، انهيءَ غلامي ۾ مَرون، انهيءَ غلاميءَ ۾ قيامت جي ڏينهن اٿاريا وڃون ۽ ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! اولياءِ ڪرام جي صدقي بنا حساب و ڪتاب  جي جنّت ۾ وڃڻ نصيب ٿي وڃي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڌاڙيلن کان نجات ملي وئي

      شيخ ابو عَمرو ۽ شيخ عبدُ الحق حَرِيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهما فرمائن ٿا: 555 هجري جي ڳالھ آهي، 3 صفرُ المُظفر آچر تي اسان حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مدرسي ۾ حاضر هئاسين، ان وقت حضور غوثِ اعظم