Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ولي سان دشمني، الله پاڪ سان جنگ آهي

   الله پاڪ حديث قدسي ۾ فرمايو: مَنْ عَادَی لِیْ وَلِیًّا آذَنْتُہٗ بِالْحَرْبِ  جيڪو منهنجي ڪنهن ولي سان دشمني رکي، مان ان سان جنگ جو اعلان ڪيان ٿو.

  هي آهي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اولياءِ ڪرام جو مقام ۽ مرتبو، اولياءِ ڪرام جي عزّت جو جنهن ٻانهي جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي ذري برابر به دشمني هجي، اهو ٻانهو الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو نه ٿو بڻجي سگهي، ايئن هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته ٻانهي جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي دشمني به هجي ۽ اهو ان دشمني سان گڏوگڏ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي، ڇو؟ ان ڪري جو جنهن جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي دشمني هجي، الله پاڪ ان سان اعلان جنگ فرمائيندو آهي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ڳالھ ضرور ذهن ۾ رهي! انسان جو مقابلو جيڪڏهن انسان سان هجي، تڏهن به کٽڻ جو احتمال هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي خالق، پنهنجي مالڪ، پنهنجي رازق سان ئي جنگ ڪري وجهي، ان ۾ ته کٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، شڪست، ذلت، رسوائي ۽ دنيا ۽ آخرت جي تباهي يقيني آهي. نمرود الله پاڪ سان جنگ ڪرڻ چاهي هئي، ان بدبخت هزارن جي فوج جمع ڪئي، هٿيار کنيا، تير، تلوارون، جيڪو ڪجھ تياري اهو ڪري سگهيو ٿي، اها تياري ڪئي، ميدان ۾ نڪري آيو.

  ان بدانجام الله پاڪ کان ته ڇا جنگ ڪرڻي هئي، الله پاڪ پنهنجي مخلوق مان هڪ ننڍڙي مخلوق مڇرن کي موڪليو، ايڏا مڇر آيا جو انهن سج کي ڍڪي ورتو، ڏينهن جي وقت اونداهي ٿي وئي، انهن مڇرن نمرود جي فوج کي کائڻ شروع ڪيو ۽ پوري فوج جو گوشت، کَلَ سڀ کائي ويا، سموري فوج صرف هڏين جو ڍانچو بڻجي ڪري ڪِري پئي. آخر ۾ هڪ مڇر نمرود جي