Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

   شيخ ابو مظفر اسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي باغ ۾ ٻه کجيءَ جا وڻ هئا، جيڪي بلڪل سڪل هئا، چئن سالن کان اهو باغ ميوو نه ڏئي رهيو هو، مان انهن کي ڪٽڻ جو سوچي رهيو هئس، پوءِ ايئن ٿيو: منهنجي قسمت چمڪي، غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي باغ ۾ تشريف کڻي آيا، پاڻ هڪ کجي جي وڻ وٽ وضو ڪيو، ٻئي جي هيٺان نماز پڙهي، پوءِ مون کي دعا ڏنائون: الله پاڪ تنهنجي زمين، تنهنجي درهم، تنهنجي پيماني ۽ تنهنجي جانورن ۾ برڪت ڏي.

سندن دعا جي برڪت هي ظاهر ٿي جو * هن سال منهنجي آمدني پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي. *  مان هڪ درهم خرچ ڪندو هئس ته ڪيئي ڀيرا وڌيڪ نفعو ملندو هو. *  مون ڪڻڪ جون 100 ٻوريون گڏ ڪيون، انهن مان 50 صدقو ڪيون، باقي بچيل مان آءُ استعمال ڪندو رهيس، پوءِ ڳڻيون ته اهي 100 جون 100 موجود هيون، * اهڙي طرح منهنجا جانور ايترا ٿي ويا جو انهن جي ڳڻپ نه ٿي سگهندي هئي ۽ سندن دعا جي اها برڪت سالن جا سال مون کي ملندي رهي.  [1]

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي اسان جي پير، پيرانِ پير، پيرِ دست گير، حضور غوثِ اَعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نرالو شان........!! اسان حديث قدسي جي روشني ۾ سندن شان ۽ عظمت ۽ ڪرامتن جو بيان ٻڌو. هاڻي اچو! آخر ۾ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پسنديده ۽ سچي مريدن جو هڪ وصف ٻڌون ٿا:

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو سُٺو مُريد ڪير آهي؟

  حضورِ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

رِجَالِی فِی ہَوَاجِرِہِمْ صِیَام                                                                                                                     وَ فِی ظُلْمِ اللِّیَالِی کَالْلَآلِی

 يعني منهنجا سچا، ۽ پڪا مُريدَ اهي آهن جيڪي منجهند جو سخت گرمي ۾


 

 



[1]... بَہْجَۃُ الْاَسْرَار ،صفحہ:91۔