Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

وضاحت: غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو شان ڪيترو نه اوچو آهي جو بخارا، عراق، چِشت، اجمير، هر جڳھ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نگاھِ ولايت جي ئي روشني چمڪي رهي آهي، ڪو چشتي هجي، سهروردي هجي يا  نقشبندي، مطلب ته: ڪو ڪهڙي به سلسلي جو مريد هجي يا اڳواڻ، سڀئي اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي طرف ئي مائل رهندا آهن.

غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قاسمِ ولايت آهن

علّامه عبدُ القادر اَرۡبَلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: جڏهن الله پاڪ پنهنجي ٻانهن مان ڪنهن کي ولايت جو تاج عطا فرمائڻ چاهيندو آهي ته حڪم فرمائيندو آهي: هن ٻانهي کي اسان جي محبوب حضرت محمد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو! جيئن ته ان کي مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: هن کي اسان جي شهزادي عبدُ القادر جيلاني (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) وٽ وٺي وڃو! ته جيئن اهي هنن جي قابليت ڏسي وٺن، بهرحال ان کي غوثِ پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جي قابيلت ڏسي ڪري ان جو نالو محمدي دفتر ۾ لکي ڪري مهر لڳائيندا آهن. پوءِ ان شخص کي ٻيهر بارگاھِ رسالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، قاسمِ نعمت، مالڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي ولايت جو حڪم جاري فرمائيندا آهن، پوءِ ان کي ولايت جو رتبو عطا ڪيو ويندو آهي ۽ اهو عالَمِ غيب ۽ عالَمِ شهادت ۾                مقبول ٿي ويندو آهي. [1]

کس گلستاں کو نہیں فصلِ بہاری سے نیاز              کون سے سلسلہ میں فیض نہ آیا تیرا [2]

وَرَفَعْنَا لَکَ ذِکْرَک کا ہے سایہ تجھ پر                   بول بالا ہے تِرا، ذِکْر ہے اُونچا تیرا [3]


 

 



[1]... تفریح الخاطر،صفحہ:48 ۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:25۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ:28۔