Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

روزي سان هوندا آهن، منهنجا مُريدَ رات جي اونداهيءَ ۾ روشني جو چراغ هوندا آهن.

   هَواجِر: منجهند جي وقت سخت گرمي کي چوندا آهن. يعني حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي رهيا آهن: منهنجا سچا، ۽ پڪا مُريدَ اهي آهن جيڪي منجهند جي سخت گرمي ۾ روزي سان هوندا آهن، مطلب ڇا آهي؟ مطلب هي ته جڏهن گناھن جي بازار گرم هوندي آهي، شيطان گناھن جي طرف ڇڪي رهيو هوندو آهي، نفسِ امّاره خواهشن تي اڀاري رهيو هوندو آهي، منهنجا مُريد ان وقت به نفساني خواهشن کان رڪيل رهندا آهن، گناھن جي طرف ناهن وڌندا، گناھن جا اسباب جيترا به جمع هجن، انهن تي هڪ نظر به ناهن وجهندا، شيطان سان جنگ ڪري ان کي شڪست ڏئي ڇڏيندا آهن، نفس جي خواهشن جو ڳلو دٻائي ڪري شريعت ۽ سنّت جي رستي تي هلندا رهندا آهن ۽

وَ فِی ظُلْمِ اللِّیَالِی کَالْلَآلِی

   يعني منهنجا مُريد رات جي اونداهي ۾ روشنيءَ جو چراغ هوندا آهن جڏهن معاشري ۾ گناھن جي اونداهي وڌي رهي هوندي آهي، بداخلاقي، بي حيائي، فحاشي، ظلم ۽ ستم، ۽ بي هودگي جي اونداهي ڇائنجي رهي هوندي آهي ته منهنجا مُريدَ هدايت جو چراغ بڻجي ڪري چمڪندا آهن، مبلغ بڻجي ڪري اٿندا آهن ۽ نيڪيءَ جي دعوت جون ڌومون مچائيندي معاشري جي اونداهين کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن.

   سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان به غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا مُريد آهيون. اسان به سندن جا سچا، پڪا، سُٺا مُريدَ بڻجون، اسان پاڻ به نيڪ بڻجون، ٻين کي به نيڪي جي دعوت ڏيندا ڪيون، پاڻ به نفساني خواهشن کان بچون، ٻين کي به نفس ۽ شيطان جي وارَ کان جان ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪيون، پاڻ به