Book Name:Hadees e Qudsi Aur Shan e Ghous e Pak

ويندو آهي، 30 کان وڌيڪ آن لائن ڪورسَن جي ذريعي 77 ملڪن (Countries) ۾ ماڻهن کي گھر ويٺي علمِ دين جي روشني پڄائي پئي وڃي *  ”مدني چينل“ جي ذريعي 6 وڏين سيٽلائٽس تي اردو، انگلش ۽ بنگالي زبانن ۾ دين جي خوب خدمت ڪئي پئي وڃي. *  شعبي FGRF جي ذريعي فلاحي ۽ سماجي خدمتن جو سلسلو به جاري آهي.

          13 نومبر 2022ء آچر جي ڏينهن ٽيلي ٿون(يعني عطيات مهم جو سلسلو) ٿي رهيو آهي. اوهان به دين جي خدمت جي هن ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو!  خدمت دين جي تمام شعبن جي سڀني اخراجات جي لاءِ دعوت اسلامي ٽرسٽ سان تعاون ڪيو. هڪ يونٽ: 10 هزار جو آهي. جيڪو هڪ يونٽ ڏئي سگهي ٿو، اهو هڪ يونٽ ڏي، جيڪو 12 يونٽ ڏيڻ جي استطاعت رکي ٿو ته اهو 12 يونٽ ڏي، جنهن جي جيتري همت، جنهن کي جيتري توفيق نصيب ٿي. بهرحال ٽيلي ٿون ۾ حصو ضرور به ضرور شامل ڪيو! راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ پرهيزگارن جي بنيادي وصفن مان آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَنۡفِقُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لَا تُلۡقُوۡا بِاَیۡدِیۡکُمۡ  اِلَی التَّہۡلُکَۃِ ۚۖۛ        (پارہ:2، سورۂ بقرہ:195)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪيو ۽ پنهنجي هٿن کي هلاڪت ۾ نه وجهو.

   يعني راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ بند ڪري يا گهٽ ڪري پاڻ کي هلاڪت ۾ نه وجهو!( تفسیر صراط الجنان، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:195، جلد:1، صفحہ:309) خبر پئي، خدا جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ۾ اسان ئي جو فائدو آهي. اسان جيڪر دين جي مالي خدمت ترڪ ڪري ڇڏينداسين ته مسجدون ڪيئن ٺهنديون؟ لکين حافظ ڪيئن تيار ٿيندا؟ هزارين عالم، 80 کان وڌيڪ ديني شعبا ڪيئن ڪم ڪري