Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

   پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن گهر ۾قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي ويندي آهي ان گهر تي نور جو هڪ خيمو هوندو آهي جنهن کان آسمان وارا رهنمائي (Guidance) حاصل ڪندا آهن جهڙيءَ طرح ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۽ رڻپٽ جي ميدانن ۾ موتي جهڙي تاري کان رهنمائي ورتي ويندي آهي، جڏهن تلاوت ڪرڻ وارو فوت ٿي ويندو آهي ته نوري خيمو کنيو ويندو آهي، جيئن ته ملائڪَ آسمان تان ڏسندا آهن ته انهن کي اهو نور نظر ناهي ايندو پوءِ ملائڪَ ان کي هڪ آسمان کان ٻئي آسمان تي کڻي ويندا آهن ۽ ان جي روح تي دُرود موڪليندا آهن پوءِ قيامت تائين ان جي لاءِ استغفار ڪندا آهن ۽ جيڪو به مومن ڪتابُ الله سکندو آهي ۽ پوءِ رات جي ڪنهن پهر ۾ نماز پڙهندو آهي ته اها رات ايندڙ رات کي وصيت ڪندي آهي ته هن مومن کي مقرر وقت تي جاڳائي ڇڏجانءِ ۽ هن جي لاءِ آسان ٿي وڃجانءِ، جڏهن اهو فوت ٿي ويندو آهي ته ان جا گهر وارا ان جي ڪفن جي تياري ۾ مشغول ٿي ويندا آهن جڏهن ته قرآنِ ڪريم نهايت حسين صورت ۾ ان جي مٿي وٽ اچي ڪري بيهي رهندو آهي پوءِ ڪفن جي هيٺان ۽ سيني جي مٿان اچي ويندو آهي ۽ جڏهن ان کي قبر ۾ رکي ڪري ان تي مٽي وڌي ويندي ۽ دوست احباب واپس موٽي ويندا آهن ته نَڪِيرين اچي ڪري ان کي قبر ۾ ويهاري ڇڏيندا آهن ايتري ۾ قرآنِ ڪريم مومن ۽ ملائڪن جي درميان آڙ ٿي ويندو آهي، ملائڪَ چوندا آهن: هڪ پاسي ٿي وڃ ته جيئن اسان هن کان سوال ڪيون. اهو چوندو آهي: ربِّ ڪعبه جو قسم! ائين هرگز نه ٿيندو ڇوته هي منهنجو ساٿي ۽ منهنجو دوست آهي مان هن کي ڪنهن حال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندُس باقي جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ڳالھ جو حڪم آهي ته توهان ان تي عمل ڪيو ۽ مون کي منهنجي جڳھ تي رهڻ ڏيو ڇوته مان هن کي جنّت ۾ پهچائڻ کان پهريان هن کان جُدا نه ٿيندس. پوءِ قرآنِ ڪريم پنهنجي دوست جي طرف ڏسي ڪري چوندو آهي: مان اهو ئي قرآن آهيان جنهن کي تون ڪڏهن بلند آواز سان ۽ ڪڏهن آهسته پڙهندو هئين ۽ مون سان محبت رکندو هئين، بس مون کي توسان محبت آهي ۽ جنهن