Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

سان مان محبت ڪندو آهيان الله پاڪ به ان کي محبوب بڻائي وٺندو آهي، نڪيرين جي سوالن کان بعد توتي نه ڪو خوف آهي نه ڪو غم. نڪيرين سوالن کان بعد تشريف وٺي ويندا آهن، هاڻي مومن هوندو آهي ۽ قرآنِ ڪريم، قرآنِ مجيد فرمائيندو آهي: مان تنهنجي لاءِ نرم آرام وارو بستر وڇائيندس ۽ حسين ۽ جميل چادر عطا ڪندس ڇوته تون سڄي رات منهنجي لاءِ جاڳندو ۽ سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ مشقت کڻندو هئين. پوءِ قرآنِ ڪريم اک ڇنڀڻ کان به جلدي آسمان جي طرف پرواز ڪري ويندو آهي ۽ الله پاڪ کان بستر ۽ چادر جو سوال ڪندو آهي ته اهي کيس عطا ڪيا ويندا آهن، پوءِ ڇهين آسمان جا هڪ هزار مقرب ملائڪَ ان سان گڏ لهندا آهن ۽ قرآنِ ڪريم مومن کان پڇندو آهي ته تون منهنجي غير موجودگي ۾ خوف زده ته نه ٿئين مان ربَّ ڪريم وٽ تنهنجي لاءِ بستر ۽ چادر وٺڻ ويو هيس ۽ اهي وٺي به آيو آهيان لهٰذا اٿي بيھ ته جيئن ملائڪَ بسترو وڇائين، پوءِ ملائڪ کيس نهايت نرمي سان اٿاريندا آهن ۽ ان جي قبر 40 سالن جي مسافت تائين وسيع ڪئي ويندي آهي پوءِ ان جي لاءِ اَذۡفَر نالي خوشبو لڳل سائو ريشم وڇايو ويندو آهي ۽ ان جي پيرن کان سنها ۽ ٿلها ريشم جا وِهاڻا لڳايا ويندا آهن، ان جي مٿي ۽ قدمن جي طرف جنّتي نور جا 2 چراغ ٻاريا ويندا آهن جيڪي قيامت تائين ٻرندا رهندا پوءِ ملائڪَ ان کي ساڄي پاسي قبلي ڏانهن منهن ڪري ۽ ان کي جنّتي ياسمين ڏئي ڪري پرواز ڪري ويندا آهن ۽ پوءِ قيامت تائين اهو ۽ قرآن ساڻ هوندا آهن. قرآنِ ڪريم ڏينهن رات ان جي خبر ان جي گهر وارن کي ڏيندو آهي ۽ ان سان ائين رهندو آهي جهڙي طرح مهربان پيءُ پنهنجي ٻار سان گڏ رهندو آهي، جيڪڏهن ان جي اولاد مان ڪنهن قرآنِ پاڪ پڙهي ورتو ته قرآنِ ڪريم ان کي خوشخبري (Good News) ٻڌائيندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي پٺيان ان جي اولاد مان ڪو بُرو هجي ته قرآنِ ڪريم ان جي اصلاح ۽ بهتري جي لاءِ دعا ڪندو آهي.                   (مسندِبزار ، جلد:7 ،صفحہ:97،حدیث:2655 ۔)

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت           رہوں  باوُضو  میں  سدا  یاالٰہی!