Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

ڇوڪرين) جون قائم آهن جنهن جي ذريعي آن لائن عالم ڪورس، قرآن پاڪ (حفظ و ناظره) پڙهايو ويندو آهي، 30 کان وڌيڪ آن لائن ڪورسَن جي ذريعي 77 ملڪن (Countries) ۾ ماڻهن کي گھر ويٺي علمِ دين جي روشني پڄائي پئي وڃي * مدني چينل“ جي ذريعي 6 وڏين سيٽلائٽس تي اردو، انگلش ۽ بنگالي زبانن ۾ دين جي خوب خدمت ڪئي پئي وڃي.

   اوهان به دين جي خدمت جي هن ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! خدمتِ دين جي تمام شعبن جي  تمام ئي اخراجات جي لاءِ دعوتِ اسلامي ٽرسٽ سان تعاون فرمايو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَا  لَکُمۡ   اَلَّا تُنۡفِقُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لِلّٰہِ مِیۡرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ توهان کي ڇا (ٿيو) آهي جو توهان الله جي راھ ۾ خرچ نٿا ڪريو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀني جو وارث الله ئي آهي.  (سيپارو: 27 سورة حديد: 10)

   هن آيت جي  حوالي سان تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: توهان ڪهڙي سبب الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ نه نٿا ڪيو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀني جو مالڪ الله پاڪ ئي آهي اهو ئي هميشه رهڻ وارو آهي جڏهن ته توهان هلاڪ ٿي ويندؤ ۽ توهان جا مال انهيءَ جي ملڪيت ۾ رهجي ويندا ۽ اوهان کي خرچ نه ڪرڻ جي سبب  ثواب به نه ملندو، توهان جي لاءِ بهتر هي آهي ته توهان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪيو ته جيئن ان جي بدلي ثواب حاصل ڪري سگهو. 

                                  (تفسیر صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ حدید، زیرِ آیت:10، جلد:9، صفحہ:721)

  خبر پئي، خدا جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ۾ اسان ئي جو فائدو آهي. اسان جيڪڏهن دين جي مالي خدمت ترڪ ڪري ڇڏينداسين ته مسجدون ڪيئن