Book Name:Faizan e Khwaja Ghareeb Nawaz

حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزارِ پُر انوار تي وڃي دعا گهرندو آهيان، الله پاڪ منهنجي حاجت پوري ڪري ڇڏيندو آهي.

   اسان کي به بزرگن جي مزارن تي حاضري ڏيڻ گهرجي، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جون کوڙَ ساريون برڪتون نصيب ٿينديون. اچو مزاراتِ اولياء تي حاضريءَ جا آداب ٻڌون ٿا:

 * فتاوٰي عالمگيري ۾ آهي: مستحب (يعني شريعت ۾ پسنديده) هي آهي ته مزار تي حاضري کان پهريان گهر ۾ ئي (غير مڪروھ وقت ۾) 2 رڪعتون نفل پڙهي، هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان بعد 1 ڀيرو آيت الڪرسي ۽ 3 ڀيرا سورة اخلاص پڙهي ۽ ان نماز جو ثواب صاحبِ مزار (مزار واري) کي پهچائي، ان جي برڪت سان الله ڪريم صاحبِ مزار جي قبر ۾ نور پيدا ڪندو ۽ ان (ثواب پهچائڻ واري) شخص کي تمام گهڻو ثواب عطا فرمائيندو. (فتاویٰ عالمگیری،کتاب الکراہیۃ،الباب السادس عشر فی زیارۃ…الخ،جلد:5،صفحہ:429۔) مزاراتِ اولياء تي حاضري کان پهريان سُٺيون سٺيون نيّتون ڪري وٺو! (مثال طور نيّت ڪيو! پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شهداءِ اُحد جي مزارات تي تشريف وٺي ويندا هئا، الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ان سنّت جي ادائيگي ڪريان ٿو * اولياءِ ڪرام جي قبر تي حاضر ٿيڻ، ملائڪن جي صفت آهي، انهن جو نقل ڪريان ٿو * صاحبِ مزار کي ايصالِ ثواب ڪري ثواب ڪمائيندُس * صاحبِ مزار جو فيض حاصل ڪرڻ جي لاءِ ادب سان حاضري ڏيندُس وغيره) * جڏهن به ڪنهن مزار شريف تي حاضري ٿي ته پيرن جي طرف کان وڃو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 هٿن جي فاصلي تي مواجھ ۾ (يعني چهري جي سامهون) بيهو * مناسب آواز ۾ هن طرح سلام عرض ڪيو: اَلسّلَامُ عَلَیْکَ یَاسَیِّدِیْ وَرَحمَۃُ اللّٰہِ وَبَرَکَاتُہٗ * صاحبِ مزار جي ايصالِ ثواب جي لاءِ دُرودِ غُوثيه 3، اَلحمد شريف 1 ڀيرو، آيت الڪرسي 1 ڀيرو، سورةُ الاخلاص 7 ڀيرا، پوءِ دُرودِ غوثيه 7 ۽ وقت هجي ته سورة يٰس ۽ سورة مُلڪ به پڙهي وٺو! (جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته ڪجھ به ذڪر ۽ دُرود يا قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري صاحبِ مزار کي ايصال ڪري ڇڏيو!) * پنهنجي جيڪا جائز مُراد هجي، ان جي لاءِ، پنهنجي رشتيدارن بلڪه پوري امّت جي حق ۾ دعا ڪيو! ۽ دعا ۾ صاحبِ مزار جي