Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

نه رهي؟ هڪ پريشاني مان نڪرون ٿا ته ٻي پريشاني سامهون بيٺي هوندي آهي، آخر سبب ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ جو پاڪيزه ڪلام، قرآنِ ڪريم صاف صاف ٻڌائي رهيو آهي:

وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ  ذٰلِکَ  فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡخٰسِرُوۡنَ  ( ۹ )   (سيپارو: 28، سورة منافقون: آيت: 9)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو ائين ڪندو ته اهي ئي ماڻهو نقصان کڻڻ وارا آهن.

   جيڪو مال جي محبت ۾ اچي ڪري، ڪاروبار سبب، ملازمت سبب الله پاڪ جي ياد کان غافل ٿي وڃي، اهو نقصان کڻڻ وارو آهي، هيءُ اصل سبب آهي * صبح جو اٿي ڪري ڪم تي ته پهچي ويندا آهيون پر فجر جي لاءِ اک ناهي کُلندي * گِراهڪَ جي لالچ ۾ جماعت نڪري ويندي آهي نمازون قضا ٿي وينديون آهن * مال جي لالچ ۾ ٺَڳي ڪئي ويندي آهي * ماپَ تور ۾ ٺَڳي ڪئي ويندي آهي، هڪ ڏينهن مرڻو آهي، سڀ ڪجھ هتي ڇڏي ڪري قبر ۾ لهڻو آهي، قيامت جي ڏينهن اٿڻو آهي، بارگاھِ الهي ۾ پيش ٿي ڪري حساب ڏيڻو آهي، هي سڀ ڪجھ ياد ئي ناهي رهندو، بَس غفلت! لالچ، مال جي محبت، راتون رات امير ٿيڻ جي خواهش آهي ۽ اسان انهيءَ خواهش ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون،

صبح ہوتی ہے، شام ہوتی ہے                                                                                                        عمر          یونہی         تمام         ہوتی         ہے [1]

  هي اصل سبب آهي، ان ڪري روزيءَ ۾ خيرو برڪت ناهي هوندي، پريشانيون، آفتون، مصيبتون جان ناهن ڇڏينديون، ڪاش! اسان کي ڪامل ولي حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو صدقو نصيب ٿي وڃي! پاڻ دڪان تي وڃي ڪري، دڪان کولي ڪري پردو ڏيندا ۽ 400 نفلَ ادا ڪندا هئا، هلو! اسان 400


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:495۔