Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

جهڙا ان جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري تباھ ئي ٿي ويندا، لهٰذا اسان کي گهرجي ته بَس الله پاڪ جا فرمانبردار ٻانها بڻجون، شيطان کان بچي ڪري ئي رهون. حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جي خدمت ۾ هڪ ڀيري سوال ٿيو: اوهان شيطان جي باري ۾ ڇا ٿيون فرمايو؟ فرمايائون: مان رحمٰن سان محبت ڪندي آهيان، ان جي ياد کان فرصت مِلي ته شيطان جي باري ۾ سوچان (نه رحمٰن جي ياد کان فرصت ملندي آهي نه شيطان جي باري ۾ سوچيندي آهيان).

 بَس! شيطان کان بچڻ جو هي بهترين طريقو آهي، انهن جي طرف توجھ ئي نه ڪئي وڃي. الله پاڪ اسان کي ان بدبخت لعين کان محفوظ فرمائي.

نفس و شیطان ہو گئے غالِب                                                                                    ان  کے  چُنگل  سے  تُو  چُھڑا  یاربّ![1]

   (3): ٽيون مدني گُل جيڪو واقعي مان اسان کي سکڻ جي لاءِ مليو، اهو هي ته ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي مالڪِ ڪريم جي فرمانبرداري ڪري، ڏسو! شيطان بدبخت پنهنجي عقل جا گهوڙا ڊوڙايا، ربِّ ڪريم حڪم فرمايو: آدم کي سجدو ڪيو، سڀني ملائڪن سجدو ڪيو پر شيطان خبيث چيو: مان آدم کان بهتر آهيان، مان غيرِ خُدا جي سامهون مٿو نه جهڪائيندس، ان عقل ڊوڙايو، مالڪِ ڪريم جو حڪم ڪوڙو ڪيائين ته نامُراد ٿي ويو، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا احڪامَ اکيون بند ڪري مڃون، عقل جا گهوڙا نه ڊوڙايون. الله پاڪ اسان کي حقيقي بندگي نصيب فرمائي،

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .


 

 



[1] وسائلِ بخشش،صفحہ:79۔