Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

Book Name:Faizan e Hazrat Junaid Baghdadi

زيارت ٿي آهي؟ فرمايائون: مون کي رات خواب ۾ الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو، مون کي الله پاڪ هي خبر ارشاد فرمائي.

   هي ٻڌي ڪري حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فوراً پنهنجي غلطي کان توبھ ڪئي ۽ عرض ڪيو: مان ڄاڻي ويس ته اوهان جو درجو هر حال ۾ منهنجي درجي کان بُلند آهي، اوهان يقيناً منهنجي هر راز کان واقف آهيو پر مان اوهان جي منصب کان بي خبر آهيان.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان خبر پئي ته اسان کي پير تي ڪنهن به قِسم جو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي ڪنهن مقام ۽ مرتبي جي حصول تي هي به ياد رکڻ گهرجي ته سڀ منهنجي پير جي عطا آهي ڇوته جيڪي مُريد ڪنهن نعمت کي پنهنجي پير جي عطا ناهن سمجهندا اڪثر شيطان جي هٿان انهن جو انجام بُرو ٿيندو آهي، جيئن ته

  حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هڪ مُريد اهو سمجهيو ته مان ڪامل ٿي ويو آهيان ۽ هاڻي مون کي پير جي صحبت ۽ خدمت ۾ رهڻ جي ڪابه حاجت ناهي رهي بلڪه منهنجي لاءِ اڪيلو رهڻ بهتر آهي. بَس اهو اڪيلو رهڻ لڳو. حضرت جُنيد بَغدادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ ڇڏي ڏنائين. هڪ رات ان ڏٺو ته ڪجھ ماڻهو هڪ اُٺ ڪاهي آيا آهن ۽ کيس چئي رهيا آهن ته اسان توکي وٺڻ آيا آهيون ته جيئن اوهان هيءَ رات جنّت ۾ گذاريو، جيئن ته اهي ماڻهو کيس اُٺ تي سوار ڪري وٺي ويا ايستائين جو هڪ اهڙي جڳھ تي پهتا جيڪا تمام خوبصورت هئي، اتان جي هر هر شيءِ مان حسن ٽمي رهيو هو، لذيذ کاڌن سان گڏوگڏ مِٺي پاڻيءَ جا چشما به وهي رهيا هئا. اهو صبح تائين اتان جا مَزا ماڻيندو رهيو ۽ جڏهن صبح ٿيو ان پاڻ کي پنهنجي حُجري ۾ لڌو. اهو سلسلو


 

 



[1] کَشْفُ الْمَحْجُوب،صفحہ:193 ۔