Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

    پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جي ھنن 7 مختصر آيتن ۾ ڪيتري خوبصورتي سان اسان جي انداز، اسان جي احوال ۽ اسان جي زندگي جي حقيقت کي بيان فرمايو ويو آهي.

   اڄ اسان جي عضون ۾ طاقت آهي، اسان صحت مند آهيون، تندرست ۽ عقلمند آهيون، اسان وٽ عهدا به آهن، منصب به آهن، ڪو انجنيئر آهي، ڪو ڊاڪٽر، ڪو سيٽ، ڪو امير زادو، ڪو پوليس وارو آهي، ڪو فوجي، مطلب ته اسان گهڻو ڪجھ آهيون پر اسان سڀني جي ابتدا ڇا آهي؟ پاڻيءَ جو هڪ قطرو. الله پاڪ اسان جي لاءِ زمين جو فرش وڇايو، آسمان کي ڇت بڻايو، اسان جي دنيا ۾ اچڻ کان پهريان ئي اسان جي لاءِ لکين نعمتون پيدا ڪري ڇڏيون، پوءِ پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي مان جيئرو جاڳندو انسان خلقي ڪري هن دنيا ۾ موڪلي ڇڏيو. اها ئي اسان جي حقيقت آهي، اها ئي اسان جي اصل آهي.

   هاڻي ڇا اسان هتي هميشه رهنداسين؟ نه، الله پاڪ فرمائي ٿو:

ثُمَّ  اَمَاتَہٗ  فَاَقۡبَرَہٗ (ۙ۲۱)  (سيپارو: 30، سورة عبس: آيت: 21)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ان کي موت ڏنو پوءِ ان کي قبر ۾ رکرايو.

   عنقريب مَلَڪُ الۡموت عَلَيهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندا، روح جسم مان ڪڍيو ويندو ۽ اسان جا چاهڻ وارا اسان کي اونداهي قبر ۾ رکي ڪري موٽي ايندا.