Qabar Kaise Roshan Ho

Book Name:Qabar Kaise Roshan Ho

   پوءِ...!! ڇا هتي قصو تمام ٿي ويو؟ نه...!!

ثُمَّ  اِذَا شَآءَ  اَنۡشَرَہٗ (ؕ۲۲)  (سيپارو: 30، سورة عبس: آيت: 22)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ جڏهن چاهيندو ان کي ٻاهر ڪڍندو.

   اهو وقت ايندو قبرون کُلنديون، مُرده ٻيهر زندھ ٿيندا، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا، اعمال جو حساب ورتو ويندو.

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت آهي، موت اسان جي مٿي تي آهي، قبر جو وحشت ناڪ کَڏو ۽ قيامت جو هولناڪ ميدان اسان جي سامهون آهي، حضرت ملڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿو ان ٻانهي جو وقت پورو ٿي ۽ مان روح قبض ڪيان، حضرت اِسرافيل عَلَيهِ السَّلَام صُور وات ۾ کنيو انهيءَ اوسيئڙي ۾ آهي ته ڪڏهن  ٿو حڪم ٿي ۽ مان صُور ڦوڪي ڪري قيامت آڻي ڇڏيان. هاڻي ان صورتِ حال ۾ اسان جو حال ڪهڙو آهي، اسان جي زندگي جو انداز، طور طريقو ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

کَلَّا  لَمَّا یَقۡضِ مَاۤ  اَمَرَہٗ (ؕ۲۳)  (سيپارو: 30، سورة عبس: آيت: 23)

ترجموڪنزالعرفان: يقيناً ان اڃان تائين پورو نه ڪيو جيڪو الله ان کي حڪم ڏنو هو.

   اسان کي پنج نمازن جو حڪم ڏنو ويو، پر اسان پوريون نه ٿا پڙهون، 12 مهينن ۾ صرف هڪ مهيني جا روزا فرض ٿيا، اسان پورا ناهيون رکندا، 100 روپين ۾ صرف اڍائي رپيا اهو به شرائط پورا ٿيڻ جي صورت ۾ زڪوات فرض ڪئي وئي، اسان ناهيون ڏيندا، شرائط پورا ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي عُمر ۾ صرف هڪ ڀيرو حج  ادا جو حڪم ڏنو ويو، پر اسان ناهيون ادا ڪندا، قرآنِ ڪريم جي تلاوت، دُرودِ پاڪ جي ڪثرت، ذڪر و اذڪار، ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري، صلح رحمي، عزيز رشتيدارن، پاڙي وارن سان نيڪ سُلوڪ،