Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

هئي ته اوهان ياد فرمائي رهيا آهيو؟ اوهان ته منهنجي ڪند ذِهني کي سمجھو ٿا، يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان جي پاڪ بارگاھ ۾ شِفَا جو طلب گار آهيان۔ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرياد ٻُڌي درياءِ رحمت جوش ۾ آيو، نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: پنهنجو وات کوليو! عَلَّامه تفتازاني وات کوليو ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو لُعاب مبارڪ ان جي وات ۾ وڌو ۽ دُعا به فرمائي۔ ٻي ڏينهن جڏهن عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪلاس ۾ پهتا ته پاڻ سبق دوران استاد صاحب کان ڪجھ علمي سُوال ڪيا، سندن باريڪ ۽ علمي سُوال ٻُڌي اُستاد صاحب قاضِي شيرازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اي مَسعُود! اڄ توهان ڪالھ وارا تفتازاني نه پيا لڳو۔ ٻڌاءِ! ڇا ماجرو آهي؟ عَلَّامه تفتازاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه استاد کي سڄو واقعو ٻڌايو  ته محترم استاد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڻ اشڪبار ٿي ويا.[1]

مِرے تم خواب میں آؤ، مِرے گھر روشنی ہو گی         مِری قسمت جگا جاؤ، عِنایت یہ بڑی ہو گی

مجھے گر دید ہو جائے ،تو میری عید ہو جائے                ترا دیدار جب ہو گا ،مجھے حاصِل خوشی ہو گی

                  خَزاں کا سَخْت پہرا ہے،غموں کا گُھپ اندھیرا ہے       ذرا سا مسکرا دو گےتو دِل میں روشنی ہو گی ([2])

  سُبْحٰنَ اللہ! اها ڪرم نوازي آهي...!! بهرحال اسان ڪنهن جي مستقبل تي حڪم نٿا لڳائي سگهون، نه ئي لڳائڻ گهرجي، اڄ جيڪو اسان کي ناڪام، نالائق، ڪندذهن، سُست نظر اچي رهيو آهي، سڀاڻي ان جو مستقبل ڇا هوندو، الله پاڪ جون اُن تي ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿي سگهن ٿيون، اسان نٿا ڄاڻون، تنهنڪري ڪنهن جي باري ۾ به پنهنجو منفي ذهن هرگز نه بڻايو! نه


 

 



[1] شذرات الذہب، سنۃ احدیٰ و تسعین و سبعمائۃ، جلد:8، صفحہ:548-549  خلاصۃً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:391 ملتقطًا۔