Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمائن ٿا: الله پاڪ انهن ٻنهي جي طرف ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪليو، ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام انهن جو روح قبض ڪري ورتو، جڏهن انهن ٻنهي کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويو ته ربّ ڪريم گنهگار کي فرمايو: تون منهنجي رحمت جي صدقي جنت ۾ داخل ٿي وڃ ۽ عابد کي فرمايو: تو منهنجي ٻانهي کي رحمت کان مايوس ڪرڻ چاهيو...؟ ڇا تون منهنجي اختيارن تي قابو رکين ٿو؟ اي ملائڪو! هن کي جهنم ۾ وٺي وڃو.[1]

عدل کریں تاں تھر تھر کمبن اچیاں شاناں والے

فضل کریں تاں بخشے جاون میں جہے منہ کالے

وضاحت؛ يعني الله پاڪ عدل فرمائي ته وڏا وڏا نيڪوڪار، عبادت گذار به ڪنبڻ لڳن ۽ جيڪڏهن فضل فرمائي ته مون جهڙا گنهگار به بخشيا وڃن.

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! ڪنهن جي موجوده حالت کان مايوس ٿي ڪري ان تي پنهنجي طرفان حڪم لڳائي ڇڏڻ، ان جي مستقبل جي باري ۾ منفي سوچ اپنائڻ بعض صورتن ۾ ڪيتري قدر نقصانده ٿي سگهي ٿو...؟ حديث پاڪ ۾ آهي: لَا تَاْلُوْا عَلَی اللہِ الله پاڪ جو قسم نه کڻو!(يعني الله پاڪ جو قسم کڻي ڪري اهو نه چئو ته فلاڻي سان هيئن ئي ٿيندو).[2]

الله پاڪ وڏو مهربان، نهايت رحم وارو آهي، ان جي رحمت کان هرگز مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هميشه مثبت ئي سوچو، مثبت ئي ڳالهايو، الله پاڪ جي رحمت مان نيڪ اميد ئي لڳايو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جا مثبت نتيجا ملندا.


 

 



[1] موسوعہ لابن ابی الدنیا، حسن الظن باللہ، جلد: 1، صفحہ:60-70، حدیث:45 ملتقطًا۔

[2] معجم الكبیر، ابو عبدالرحیم خدلد بن ابی یزید...الخ، جلد:4، صفحہ:334، حدیث:7823۔