Book Name:Musbat Soch Ki Barkat

  اي عاشقانِ رسول! ڪهڙي دردناڪ داستان آهي..!! ايئن ئي اسان وٽ به ٿيندو آهي، اسان به منفي ذهن رکي ڪري ننڍي ننڍي نقصانن تي ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويندا ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا ڳالهائي ويندا آهيون. ٻار کان ٿانء ڪِري ٽٽي پيو، چائي ڪِري پئي، ڪو نقصان ٿي پيو ته ماڻهو ٻارن کي دڙڪا ڏيندا ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون بددعائون ڏئي رهيا هوندا آهن.

اسان جي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت ڪهڙي پياري آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارين پيارين ادائن ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي. حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون 10 سال پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ڪئي، ڪڏهن منهنجي هٿان ڪم خراب به ٿي ويندا هئا پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن مون تي ملامت نه ڪئي، جيڪڏهن گهر وارن مان ڪو مون کي ڪجھ چوندو هيو ته پاڻ فرمائيندا هئا: دُعُوْہُ فَاِنَّہٗ لَوْ قُضِیَ شَیْء کَانَ  يعني ان کي ڇڏي ڏيو! جيڪڏهن ڪجھ ٻيو تقدير ۾ هجي ها ته اهو ٿئي ها.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پياري سوچ آهي، ڪهڙو نرالو شان آهي...!! ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻ ۾ ڪجھ نه ڪجھ غلطيون ٿي ئي وينديون آهن، ڪڏهن هٿ مان ٿانء ڪِري پيو، ڪڏهن ڪا شيءِ ٽٽي پئي. ڪڏهن موبائل ڪِري پئي ۽ خراب ٿي وئي، ڪڏهن استري ڪندي وقت ڪپڙا سڙي ويا وغيره ويهارو قسم جا اهڙا معاملا روزانو گهرن ۾، دفترن ۾ ٿيندا رهندا آهن، اهڙي موقعي تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڇا انداز هيو...؟ جنهن کان نقصان ٿيو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نه پاڻ ان کي ڇڙٻيندا هئا، نه ئي ٻين کي ڇڙٻڻ ڏيندا هئا بلڪه فرمائيندا هئا: الله پاڪ وٽ هي ڪم ايئن لکيل هو، جيڪڏهن ڪجھ


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:77  خلاصۃً۔ موسوعہ لابن ابی الدنیا، الرضا عن اللہ ...الخ، جلد:1، صفحہ:392، حدیث:4۔