Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

جي صدقي جيستائين ٽاريون آليون رهنديون، تيستائين انهن کان عذاب کنيو ويندو.[1]

 پيارا  آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنازي جي نماز ادا فرمائيندا هئا

پيارا اسلامي ڀائرو! هي رسول ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت تي شفقت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وصال ڪرڻ وارن صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  جو جنازو ادا فرمائيندا هئا ۽ ان ۾ رغبت رکندا هئا ته جيئن انهن کي سندن جنازي پڙهڻ جون برڪتون نصيب ٿي وڃن. هڪ صحابيه رَضِىَ اللهُ عَنْها هئي، اها مسجد ۾ ٻهارو ڏيندي هئي، هڪ ڀيرو ايئن ٿيو جو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪافي ڏينهن تائين ان کي نه ڏٺو، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کان پڇيائون: اها ٻهارو ڏيڻ واري عورت ڪيڏانهن وئي؟ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  ٻڌايو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اُن جو انتقال ٿي ويو. رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي اهو ٻڌي ڪري ڏاڍو افسوس ٿيو، فرمايائون: توهان مون کي اطلاع ڇونه ڏني. پوءِ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي قبر تي تشريف کڻي آيا. قبر تي نمازِجنازه ادا ڪئي ۽ فرمايائون: هي قبرون انڌيري کان ڀريل آهن، بيشڪ الله پاڪ منهنجي انهن تي پڙهيل نمازِ جنازه جي بدولت(انهن جي انڌيري قبرن ۾) روشني فرمائي ڇڏيندو.[2]

قبر میں لہرائیں گے تاحشر چشمے نور کے                                                      جلوہ فرما ہو گی جب طلعت رسول اللہ کی ([3])

وضاحت: اسان غريبن جي قبرن ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد تي سندن چهري انور جي نور جا اهڙا جلوا اٿندا جيڪي جهنڊن جيان اسان جي قبرن ۾ قيامت تائين لهرائيندا رهندا. 


 

 



[1] فتح الباری، کتاب الوضو، باب من الکبائر...الخ، جلد:1، صفحہ:416، زیرِ حدیث:216بتصرف

[2] مسلم، کتاب الجنائز، باب الصلاۃ علی القبر، صفحہ:343، حدیث:956۔

[3]...حدائقِ بخشش، صفحہ:152۔