Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

ملائڪن جي هڪ سُنت

پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي حق ۾ بخشش جي دعا ڪرڻ تمام فضيلت وارو عمل آهي، هي نبين جي سُنت به آهي، ملائڪن جي سُنّت به آهي ۽ نيڪ ماڻهن جو پيارو پيارو وصف به آهي. جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد ٿيو:

اَلَّذِیْنَ یَحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَ مَنْ حَوْلَہٗ یُسَبِّحُوْنَ بِحَمْدِ  رَبِّہِمْ وَ یُؤْمِنُوْنَ بِہٖ وَ یَسْتَغْفِرُوْنَ  لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا ۚ

 ترجموڪنزالعرفان: عرش کڻڻ وارا ۽ ان جي آسپاس موجود (ملائڪ) پنهنجي ربّ جي تعريف سان گڏ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آهن ۽ ان تي ايمان رکندا آهن ۽ مسلمانن جي لاءِ بخشش گهرندا آهن. (پارہ:24، المؤمن:7)

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، ملائڪ ۽ اهي به نهايت فضيلت وارا، عرشِ اعظم کڻڻ وارا ملائڪ مسلمانن جي حق ۾ مغفرت ۽ بخشش جون دعائون ڪندا آهن.

دعاءِ مغفرت نبين جي سُنت آهي

اهڙي طرح الله پاڪ جي خليل حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي نهايت پياري دعا جيڪا شايد اسان سڀني کي ياد هوندي، قرآنِ ڪريم ۾ به ذڪر ٿي، پاڻ پنهنجي لاءِ، پنهنجي والدين ۽ سڀني مسلمانن لاء هيئن دعا ڪئي:

رَبَّنَا اغْفِرْ لِیْ  وَ لِوَالِدَیَّ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ  یَوْمَ  یَقُوْمُ الْحِسَابُ (۴۱)

ترجموڪنزالعرفان: اي اسان جا ربّ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ سڀني مسلمانن کي بخشي ڇڏ جنهن ڏينهن حساب قائم ٿيندو. (پارہ:13، ابراہیم:41)