Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

انهيءَ طرح حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام دعا ڪئي:

رَبِّ اغْفِرْ لِیْ  وَ لِوَالِدَیَّ  وَ لِمَنْ دَخَلَ بَیْتِیَ  مُؤْمِنًا وَّ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ ؕ

ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا ربّ! مونکي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ منهنجي گهر وارن ۾ حالتِ ايمان ۾ داخل ٿيڻ واري کي ۽ سڀني مسلمان مردن ۽ سڀني مسلمان عورتن کي بخشي ڇڏ. (پارہ:29، نوح:28)

معلوم ٿيو، مسلمانن جي حق ۾ بخشش جي دعا ڪرڻ نبين سڳورن جو به طريقو آهي.

نيڪ ماڻهن جي هڪ وصف

هاڻي نيڪ ماڻهن جي به هڪ وصف ٻڌو! قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

وَ الَّذِیْنَ جَآءُوْ مِنْۢ  بَعْدِھِمْ یَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا  اغْفِرْ لَنَا وَ لِاِخْوَانِنَا  الَّذِیْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِیْمَانِ

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن کان پوءِ اچڻ وارا عرض ڪندا: اي اسان جا ربّ! اسان کي ۽ اسان جي هنن ڀائرن کي بخشي ڇڏ جن اسان کان پهريان ايمان آندو. (پارہ:28، الحشر:10)

يعني اهي نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهو جيڪي صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کان پوءِ آيا، اهي الله پاڪ جي بارگاھ ۾دعا ڪن ٿا: اي اسان جا ربّ! اسان جي به مغفرت فرماءِ ۽ اسان جا اهي ڀائر جن اسان کان پهريان ايمان آندو (۽ ايمان جي حالت ۾ دنيا کان رخصت ٿيا) انهن جي به بخشش فرماءِ.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، صحابه ڪرام، اهل بيت اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهم ۽ پاڻ کان پهريان گذريل اهلِ ايمان جي حق ۾ دعا ڪرڻ، انهن جي لاءِ ختم شريف ۽


 

 



[1] صراط الجنان، پارہ:28، سورۂ حشر، زیرِ آیت:10، جلد:10، صفحہ:77 بتغیر۔