Book Name:Esal e Sawab Ki Barkatain

مثلاً * سورت يٰسين شريف پڙهي ڪري ان جو ثواب ميت کي پهچائيندا هئا. * بُزرگن جي استعمال ڪيل ڪپڙن ۾ ميّت کي ڪفن ڏيندا هئا. * ڪفن تي آيت، ڪلمو شريف وغيره لکندا هئا ته جيئن ميّت کي ان کان فائدو پڄي* دفن کان بعد ميت کي تلقين ڪندا هئا (يعني حديث پاڪ ۾ ٻڌايل طريقي جي مطابق ميّت کي قبر جي سوالن جا جواب ياد ڏياريندا هئا) *ان جي لاءِ قبر جي امتحان جي ڪامياب جي دعا ڪندا هئا. * قبر تي ڪا آلي ٽاري يا ڪا سائي شيءِ رکندا هئا(ته جيئن ان جي تسبيح سان ميت کي فائدو پهچي) * دفن کان بعد قبر وٽ رُڪندا هئا * قبرستان وڃي ڪري دعائون ڪندا هئا* مرحوم جي ايصالِ ثواب جي لاءِ صدقو ڪندا هئا* ۽ انهن جي طرفان قرباني به ڪندا هئا.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي به توفيق بخشي، اسان کي به پنهنجي مرحومن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ گهرجي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

وہ ظہوریؔ یار میرا، وہی غم گُسار میرا

میری قبر پر جو آ کر نعتِ نبی سُنائے

ايصال ثواب جو طريقو

 پيارا اسلامي ڀائرو! ايصال ثواب نهايت آسان نيڪي آهي، رڳو هڪ ننڍو ڪم ڪرڻو آهي اسان ڪا به نيڪي ڪئي مثال طور اسان ڪنهن کي هڪ روپيو خيرات ڏنو يا هڪ ڀيرو درود شريف پڙهايو يا ڪنهن کي هڪ سنت ٻڌائي يا ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏني يا سنتن ڀريو بيان ڪيو. مطلب ته ڪو به نيڪ ڪم ڪيو، هاڻي دل ئي دل ۾ هن طرح نيت ڪيو، مثال طور: هاڻي مون جيڪا سنت ٻڌائي ان جو ثواب سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!


 

 



[1] سورِ صحابہ میں ایصال ثواب کی مختلف صورتیں، صفحہ:51-158 ملخصاً۔